امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


12/12/2012

هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي

غزل

دروازو کليل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري
سڀ لوڪ سمهيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري

چنڊ رات چٽي آهي ، ڪڪريون به وسي هليون
هر بات بڻيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري

پن کڙڪيو هوا تي ڪو ، يا سانت ڀريو سڏڪو
ڪو روح رليل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري

دل خام خياليء ۾ ، اکين کي ڌتاري پئي
هيء ان تي هريل آهي، ، من ڪوئي اچي نڪري

هن وقت جي پيالي ۾ ، مڌ پنهنجي حياتي جو
باقي ڪو بچيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري

هن برھ جي بستيء ۾ ، ” شمشير “ جيهو جوڳي 
ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري


0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔