امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


18/12/2012

دوستن جي دشمنيء کان شل بچين


غزل

نثار بزمي

موت جهڙي زندگيء کان شل بچين
زندگيء جي گندگيء کان شل بچين

رهزنن جي رهبريء کان شل بچين
رهبرن جي رهزنيء کان شل بچين

غم نڀائي ٿو سگهي انسان سان
چئن گهڙين جي خوشيء کان شل بچين

جيڪا تنهنجي دل ڪري ٽڪرا ڇڏي
يار ! اهڙيء دلبريء کان شل بچين

دشمنن جي دوستي پوء ڀي چڱي
دوستن جي دشمنيء کان شل بچين

عقل جا آزار ٿا جهوري وجهن
فڪر ۽ فرازانگيء کان شل بچين

ابتريء ڏي جا وٺي توکي هلي
بزمي اهڙي بهتريء کان شل بچين

.......................................
ماهوار لطيف ڊائجسٽ جي جون 1986ع  جي شماري ۾ ڇپيل

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔