امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


17/12/2012

سوريء تي سڏڻ وارا ! هڪ ڳاله ته سوچي ڇڏ : شمشير الحيدري

غزل

شمشير الحيدري

اڄ منهنجي اڱڻ منهنجا، محبوب اچن شايد!
ورهيــن جي وڇوڙن جا، سڀ سور لهــن شايد!

ماحول جي مستيءَ ۾، مرڪن سان مليون سرڪون،
روحن جـا اهي ريـلا، چانـڊاڻ گهـــرن شـايـد!

هڪ وار ته دل کولي، هر ڳالهه چئي ڇڏبي،
انصاف جـي اکين مان، ڳوڙها به ڳڙن شـايد!

خالي به ڪريو جلدي، انصاف جي مسند کي،
مظلــوم اچي پهتا، حقــدار هجـــن شـايـــد!

ڌرتيءَ جو دلاور اڄ
، تارن تي سوار آهي،
انسان جي عظمت جا، اعلان هجن شايد!

ابليس کي چئي ڇڏيو، سجــدي جـي تياري ڪر،
دنيــا تي " انـا الــحق " جا، اســرار کُلـــن شايد!

سوريء تي سڏڻ وارا ! هڪ ڳاله ته سوچي ڇڏ،
مقتـــل ۾ اچــــڻ وارا، منصــــور هجـــن شايــــد!

بلبـــل جي بيـــانــن تي، برهــــم نه ٿيڻ گهرجــي،
 آئنــــده بهـــــارن جــــــا پيغـــــام هجــن شايـــد !

شمشير کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي
محفل کي مچائيندو، ان جو ئي سخن شايد !

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔