امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


18/12/2012

ڪيئي شاد شهيد ڪيا تو، نظرن جا اڇلائي تير


غزل

بشير احمد شاد

جهڙي تنهنجي آ تصوير
منهنجي ٿي پئي جي تقدير

جيڪو انگ ازل کان آهي
ڪير مٽائي سا تحرير

عشق اجاري ٿو انسان کي
مام پروڙين ڪي مهمير

ڪيئي داناء ديوانا ٿيا
فرقت ڪيڙا شاه، فقير

گهورن تنهنجي گهائي ڇڏيا
هاڻي ڪيڏا مڙس امير

ڇا هي دنيا ڇا هي حياتي
هر ڪنهن پنهنجا ڪيا تفسير

دکڙا درد فراق وڇوڙا
آيا سپرينء کان هي سفير

ڪيئي شاد شهيد ڪيا تو
نظرن جا اڇلائي تير
.......................................
ماهوار لطيف ڊائجسٽ جي جون 1986ع  جي شماري ۾ ڇپيل

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔