امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


14/12/2012

وڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها



تاجل بيوس جي چوٿين ورسي جي موقعي تي کيس ياد ڪندي، مان سندس هڪ تمام پراڻي ۽ مشهور نظم جيڪو 1972 ۾ هن ٽوڪيو جپان کان لکي موڪليو هو ۽ هلال پاڪستان ۾ ڇپيو هو، تڏهن اسان جي موجوده نوجوانن مان گھڻا اڃان ڄاوا به نه هوندا. پيش ڪيان ٿو.

ان نظم ڇپجڻ کان ٻن ڏينهن کان پوءِ مون تاجل بيوس کي ورندي جي عنوان سان هڪ جوابي نظم لکيو هو جيڪو پڻ هلال پاڪستان ۾ ڇپيو هو. پڙهندڙن جي دلچسپي ۽ موقعي جي مناسبت سان مان اهي ٻئي نظم پيش ٿو ڪريان.


وڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها
وطن ويڙھ واڙيون ۽ ولهار ڪيئن ها
وڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها

ٿڪن جا ڪٿي ٿاڪ ٿاڻا ڏٺئه ڪي
پنهنوارن جا پکڙا پراڻا ڏٺئه ڪي
رتولن ۾ راڻيون ۽ راڻا ڏٺئه ڪي
ولر ڪونجڙين جا اڏاڻا ڏٺئه ڪي
سنڌوءَ جا ڪنارا اکين ٺار ڪيئن ها
وڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها

انبن ۾ ڀلا ڏس ته ٽپڪا پيا ها
گليلن ۽ ڳوڙهن جا وسڪا ٿيا ها
ڪڏهن مينهن مارن تي ڇڇڪا ڪيا ها
ڇپر هيٺ ڇيرين جا ڇمڪا ٿيا ها
کٿيرين جا کوهن تي کجڪار ڪيئن ها
وڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها

ڪٿي چيلهه سنهڙي تي گھاگھر ڏٺئه ڪا
ڇلا، ويڙھ، بولا ۽ جھالر ڏٺئه ڪا
ڪٿي جرڪندي جيءَ جي جھانجھر ڏٺئه ڪا
لڳل حسن وارن جي بازر ڏئئه ڪا
سهيلين ۽ سرتين جا سينگار ڪيئن ها
وڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها

ڀلا ڏس ڀٽن تي بهاريون ڏٺئه ڪي
مٿن تي مهاڻين جي کاريون ڏٺئه ڪي
هندورن ۾ لڏندي ڪماريون ڏٺئه ڪي
عجيبن جون اکڙيون خماريون ڏٺئه ڪي
هنڌن تي وڇايل ڀنڀا وار ڪيئن ها
وڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها

پون ياد پلپل وطن ۽ ولهاريون
مڪئي، ٻير مٺڙا ، کبڙ ڄار ڄاريون
رتن جوت رابيل ٽانگر ۽ ٽاريون
مکڻ کير ماهيا ، ڪنڍيون چال ڪاريون
وڇون. ڇيلڙا، ٻوڪ ٻڪرار ڪيئن ها
وڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها

اتر وارا ڪيئن ها، ڏکڻ وارا ڪيئن ها
گنجيءَ گوڏ وارا، سٿڻ وارا ڪيئن ها
سڄيءَ رات سيءَ ۾، سڪڻ وارا ڪيئن ها
رئڻ وارا ڪيئن ها، کلڻ وارا ڪيئن ها
بهر حال ويڙهيون ۽ ولهار ڪيئن ها
وڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها

خُدن جي خبر ڏي، گلڻ جي خبر ڏي
اڱڻ، باغ، آچر، علڻ جي خبر ڏي
پريل جي پُٽن ۽ ولڻ جي خبر ڏي
ادي عرس، سارنگ، سڄڻ جي خبر ڏي
لنگھا، ليل، لوڌي ۽ لوهار ڪيئن ها
وڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها

ڪمن، ڪوڏ، پرڀوءَ، پمن جي خبر ڏي
چمنداس،چوهڙ، چتن جي خبرڏي
جيئين شال جوڳي جتن جي خبر ڏي
فقط مونکي منهنجي وطن جي خبر ڏي
وطن ۾ هليا وڻج واپار ڪيئن ها
وڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها

مُلن جي پيو پيٽ ۾ تور ڪيئن هو
رقيبين جو دشمن ڪفن چور ڪيئن هو
ڪٿي ديڳ کڙڪي تي ٿيو شور ڪيئن هو
درودن ۽ ختمن سندو زور ڪيئن هو
موالين جا ٻيڙا ٿيا پار ڪيئن ها
وڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها

پون ياد پل پل وطن ۽ ولهاريون
ڇپر، ڇيڄ، ڇلڙا ۽ گھر گھر گھڙوليون
گھڙا، ٿال، گھنگھرو ۽ پڳ پڳ پروليون
سُرن جي صدائن ۾ ٻيجل جون ٻوليون
ڪچهرين جا ڪوڏيا ڍنگر ڍار ڪيئن ها
وڄن وار ڇوڙيا ته وسڪار ڪيئن ها

تاجل بيوس

ٽوڪيو، جپان
----------------------------------------

هدايت بلوچ جو جواب :



وڄن وار ڇوڙيا ته برسات پئي هئي
پٽن تي پنهوارن سندي رات پئي هئي
وڄن وار ڇوڙيا ته برسات پئي هئي

سڀئي ٿاڪ ۽ ٿاڻا اجڙيل ڏٺاسون
سي راڻيون ۽ راڻا به نکڙيل ڏٺاسون
ولر ڪونجڙين جا به وڇڙيل ڏٺاسون
۽ ساٿي پراڻا به بگڙيل ڏٺاسون
نه سي مور آهن، نه سي ڪنگ آهن
نه سي راز آهن ، نه سي رنگ آهن

انبن ۾ ته ٽپڪا برابر پيا ها
گليلن جا وسڪا برابر ٿيا ها
۽ ڇيرين جا ڇمڪا برابر ٿيا ها
سي کوهن تي کجڪا برابر ٿيا ها
مگر سي خوشيون سڀ پيا ڌاريا ملهائن

سي باغن جا مالهي ۽ مالڪ نه آهن

ڀٽن تي بهارين ڏٺي ڏينهن ٿي ويا
مهاڻين جي کارين ڏٺي ڏينهن ٿي ويا
سنهي چيلهه وارين ڏٺي ڏينهن ٿي ويا
ڪجل ساڻ ڪارين ڏٺي ڏينهن ٿي ويا
ِبهارين جي باقي هتي کوٽ ناهي
 اڃان تائين پنهنجن ۾ ڦرُڦوٽ ناهي
 
اتر يا ڏکڻ ، هر طرف هئي اداسي
گنجي گوڏ وارا مڙئي ديس واسي
گذارن پيا ڄڻ ته گگدام ساسي
نه ڪا مرڪ منهن تي نه ڪا راند راسي
نه واڙيون نه ولڙين سندو واس آهي

  گھمي ويو هتي ڄڻ ڪو راڪاس آهي

خدن کي بخارن، ڪيو اڌ مئو آ
اڱڻ کي به پارن، ڪيو اڌ مئو آ
۽ آچر کي ٻارن ڪيو اڌ مئو آ
سپاهين جي مارن ڪيو اڌ مئو آ
پريل جا سڀئي پٽ ها ٿاڻي ۾ سوگھا

  ڏٺاسون سڀن جي ڳچين منجھ گھوگھا

ملن کا اها ئي اُلي اڄ به آهي
پيو پيٽ تن جو ڇلي اڄ به آهي
ويو تن جو لاشو رلي اڄ به آهي
اڳٺ ڍوُ کان وين کلي اڄ به آهي
موالين جا سُوٽن تي سوٽا ڏسين ها

بکئي پيٽ جھوٽن تي جھوٽا ڏسين ها

وطن کي نه ڪر ياد پل پل او پيارا
نه روئي پسائج پنهنجا ڳل او پيارا
ضرور ايندو وارو ذرا جھل او پيارا
اجھا مارئي کي ٿي موڪل او پيارا
نه هاڻي ڪي عمرن جا آزار سهبا

نه هاڻي ڪي مارن مٿان بار سهبا
 
وطن جا ڏسي وڻ ، تون روئي نه پئين شل !
اڃارا ڏسي ڌڻ ، تون روئي نه پئين شل
جھڳا سڀ ڏسي جھڻ، تون روئي نه پئين شل
ڏسي ڳوٺ ، واهڻ ، تون روئي نه پئين شل
اسان جو وطن پر اسان آهيون بيوس

هي مهراڻ جو پيو سدا مُرڪندو هو
مٺا گيت ڳائي پيو سرڪندو هو
مهاڻن جون ٻيڙيون وڃين ڌر ڪندو هو
هي ٻنڙيون ۽ ٻارا پيو پُر ڪندو هو
نه ڪا موج مانڌاڻ مستي انهيءَ ۾ 

  نه ڪا هوڏ هيبت نه هستي انهيءَ ۾

هدايت بلوچ  
 ڪراچي

__________


0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔