ڪجهه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شاعري
ناسي نيڻن وارا ماڻهو، ڳاڙهن ڳلڙن وارا ماڻهو
جيءُ اسان جو جهوري ويا هن، ڪيڏا پيارا پيارا ماڻهو
ونڊ ڪيم ته ڪجهه دوستن اها فرمائش ڪئي ته ذوالفقار سيال جو اهو غزل تنوير عباسي جي شاعريء جو تسلسل آهي. ڪوشش ڪري اڄ وري تنوير عباسي جو اهو غزل پيش دوستن سان ونڊ ڪجي ٿو.
غزل : تنوير عباسي
ناسي اکڙين وارا ماڻهو، جاڙين ڀروئن وارا ماڻهو،
منهنجي حياتي منهنجو جياپو، منهنجي خوشي تو پارا ماڻهو!
هيءَ حياتي ڪيئن گـذري ها، جيئڻ ڏاڍو مشڪل ٿئي ها،
جي نه ملن ها هن دنيا ۾، تو پارا ڪي پيارا ماڻهو!
ماڻهو ماڻهن جهڙا پر ڪي، ڪنهن لئه ڪهڙا ڪنهن لئه ڪهڙا،
مکڙين جهڙا ماکيء جهڙا، سڀ کي پنهنجا پيارا ماڻهو!
تنهنجي ٽهڪن جي ٽڙندڙ، گلڙن جا هار ڳچيءَ پائيندا،
جي دنيا کان هارائي، ايندا تو وٽ دکيارا ماڻهو!
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔