امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


17/12/2012

نياز هاڻي اوهان جي اک ۾ آيا لڙڪ ڇا جي لاء


غزل

نياز پنهور

خبر ناهي ته ساجن ڇو هلن ٿا قاتلن وانگي
سدائين گهُور جي خنجر سان گهائين ظالمن وانگي

اسان جي ٿي هر گهڙي گذري اوهان جي ياد ۾ سائين
اوهان ڇا لاء ٿيو پيا ڏور يارو فاصلن وانگي

اوهان کي ڄاڻ ڪانهي ڪا ته ڪيئن ٿيون سائتون گزرن
اسان تي هرڪو پل گذري ٿو پيارا خنجرن وانگي

خدا ڄاڻي ته هاڻي ڇا رهيو آهي حياتيء ۾
سوا ان جي گذاريون ٿا اسين ڀي معجزن وانگي

اوهان آهيو ته خوش آهيون اوهان ناهيو ته او پيارا
اسان پوندا آهيون روئي صفا ڪو ٻارڙن وانگي

نياز هاڻي اوهان جي اک ۾ آيا لڙڪ ڇا جي لاء
وڃڻ وارا هليا ويا سڀ جا سڀ، ڪجهه ساعتن وانگي
.......................................
ماهوار نئين زندگي جي آگسٽ 1987ع  جي شماري ۾ ڇپيل

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔