امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


25/12/2012

اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا


اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا
آڪاش انصاري

اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا
نڪي عشق آتش وچان ٿي اڀاميو
نه هي ديپ دل مان اوهان جو اجھاميو
نه سورن جي شدت کان شعلو بڻياسين
نه سگريٽ جو ڪو ڦلو ٿي ڇڻياسين 
دکياسين جلياسين اڌورا اڌورا


دکن کان به دل پنهنجو رشتو نه ٺاهيو 
سکن ۾ به من کي سڪون ڪون آهيو
کِلياسين ته خلقت جي دردن ٿي رڪيو 
رناسين ته دنيا جي نظرن ٿي ٽوڪيو
نه خوش ٿي کلياسين نه رنج ٿي رناسين 
اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا


ڦاهي جا ڦندا چمڻ کان به وياسين
۽ دنيا جا ڌنڌا ڪرڻ کان به وياسين
نه تون ئي ملين نه ڪنهن جا ٿياسين
هِتان کان به وياسين هُتان کان به وياسين
مرڻ جي مزي کان به محروم ٿياسين
۽ جيئندا رهياسين اڌورا اڌورا
اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا


طارق ٿي دنيا نه تياڳي سگھياسين
جهان جو به جهنجهٽ نه جهاڳي سگھياسين
عمر اڌ اڻکٽ عبادت ۾ وئي
۽ باقي بتن سان بغاوت ۾ وئي 
خدا به نه مليو ۽ نه ان جي خدائي
او آڪاش جندڙي اينئن وئي اجائي
۽ ڳولا جي رڻ ۾ رلياسين اڌورا اڌورا
اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔