غزل : عنايت بلوچ
دل ۾ هڪ تصوير رهي ٿي
چنڊ جيان جرڪي چمڪي ٿي
گُلڙن جهڙي نازڪ نِـينگر
مون سان بيحد پيار ڪري ٿي
روز سندس پيو راهه نهاريان
هوءَ به واٽون واجهائي ٿي
روحن جو ڪو رشتو آهي
جنهن بن ساعت ڀي نه سري ٿي
ويجهي هوندي دور رهان ٿو
دوريءَ ۾ هوءَ گڏ رهي ٿي
عين عنايت ٿورا هن جا
ترسي ترسي ياد ڪري ٿي
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔