امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


11/12/2012

تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو

غزل

شمشير الحيدري


تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو
ڄڻ ته سنڌوء جي ٻئي ڪناري ويو

تنهنجي وارن جو واس جنهن ورتو
وقت جي سينڌ کي سنواري ويو

تنهنجي چپڙن جي چوس جنهن کي پئي
جام امرت جا ڪيئي هاري ويو

اهڙو مفلس نه ڪنهن ڏٺو هوندو
هڪڙي دل سا به ڪٿ وساري ويو

هڪڙو شمشير هو هزارن ۾
سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو


0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔