امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


17/12/2012

تون ياد وري آئين، تون ياد وري آئين

شمشير الحيدريءَ جو گيت
 
تون ياد وري آئين

دل درد سان ڀرجي وئي، اکين ۾ اٿل آئي
تون ياد وري آئين، تون ياد وري آئين
*
چپڙن جي ڪنارن تي، ڄڻ باهه ٻري آئي
تون ياد وري آئين، تون ياد وري آئين
*
انگ انگ ۾ اٿيا اڌما، لونءَ لونءَ ۾ وره وائي
تون ياد وري آئين، تون ياد وري آئين
*
الفت جي اسيرن کي، ماري وئي تنھائي
تون ياد وري آئين، تون ياد وري
*
رڳ رڳ ۾ هلي هوريان، احساس جي ڪتڪائي
تون ياد وري آئين تون ياد وري آئين

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔