غزل
استاد عطا محمد
حامي
زبان مان جيڪڏهن نڪري ته اهڙي
گفتگو نڪري
نه مان نڪري نه تون نڪري فقط نڪري
ته هو نڪري
جڏهن ڳوڙهن جي صورت ۾ ڳڙي دل جو لهو
نڪري
تڏهن ميدان الفت ۾ ٿو عاشق سرخرو
نڪري
ڪٿي ٿي تنهنجي ۽ منهنجي ٻنهي جي
دل منجهان مٺڙا
جفا جي جستجو نڪري وفا جي آرزو
نڪري
لکين نڪرن ٿا موتي لعل گوهر گل
ڪتيون تارا
مگر تن مان نه ٿو هڪڙو به تنهنجي
هو بهو نڪري
چوان ٿو هيئن به چوندس هونئن به
چوندس توکي پر پيارا
مجال آهي جو هڪڙو هرف تنهنجي
روبرو نڪري
ٽٽن ساريون تمنائون، سموريون
خواهشون نڪرن
مگر مولا ڪري دل مان نه تنهنجي
آرزو نڪري
چمي تنهنجو پگهر پيارا جڏهن باد
بهار آئي
تڏهن گلشن جي هر گُل ۾ ٿو ايڏو
رنگ و بو نڪري
ڪيون ٿا آبياري پنهنجي دل جي خون
سان هر دم
تڏهن گلشن ۾ هر هڪ گل ٿو بڻجي
سرخرو نڪري
ڪڏهن ڪم ظرف کان قابو نه ٿيندو
راز الفت جو
کلڻ سان هلڪڙين مکڙين منجهان هڪدم
ٿي بو نڪري
اکين مان ئي عيان ٿيندي رهي ٿي
مدعا دل جي
نٿو پنهنجي زبان مان ڪوبه حرف
گفتگو نڪري
اسان بي دين کي بخشي سگهون ٿا هي
جواز آهي
ڪٿي بخشون انهيء کي ديس جو جيڪو
عدو نڪري
بدن مان روح نڪري ٿو سگهي حامي مگر سر مان
ڪڏهن ممڪن نه ٿي سگهندو جو
خودداري جي خو نڪري
.......................................
ماهوار لطيف ڊائجسٽ جي جون
1986ع جي شماري ۾ ڇپيل
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔