امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


17/12/2012

اسين حال هيڻان اوهان جي خدائي وڏي ڳالهه آهي


اسين حال هيڻان اوهان جي خدائي وڏي ڳالهه آهي

شمشير الحيدري

اسين حال هيڻان
اوهان جي خدائي
وڏي ڳالهه آهي

هلي پئي اڃان
زندگيء جي لڙائي
وڏي ڳالهه آهي

انڌيرن ۾ پلجي
پئي روشنائي
اڃان وقت کي پيئي
ڳولهي سچائي
وڏي ڳالهه آهي

اوهين حسن تي
پنهنجي نظرن جا پهرا
اڃان تيز ڪريو
ڪريون پيا اسين
عشق جي رهنمائي
وڏي ڳالهه آهي

زماني جا منصور آهيون
اسين خوب مشهور آهيون
اسان سورين تي
نه گردن جهڪائي
وڏي ڳالهه آهي

نگاهون کڻي داد جي لاء
مرڪڻ جي ڪهڙي ضرورت
اوهين آهيو سهڻا
اوهان جي اهائي
وڏي ڳالهه آهي

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔