امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


17/12/2012

ڪاش ڏسان ها سهڻي صورت، سرمو ڳل تي هاريو هوندئي



عنايت بلوچ
غزل

مون ريءَ ڪيئن گذاريو هوندئي
آب اکين مان هاريو هوندئي

سانجھيءَ سان ئي کڙڪي کولي
منهنجي لاءِ نهاريو هوندئي

ياد جڏهن ڪا آئي هوندئي
ڳهلي، پاڻ کي ڳاريو هوندئي

جنهن ريءَ ساعت ڪين سريئي ٿي
تنهن ريءَ گھنگھر گھاريو هوندئي

منهنجي دل ٿي ساري توکي
مونکي ڀي ته سنڀاريو هوندئي

ڪافي ٽيبل تي پئي هوندي
ياد ۾ تنهن کي ٺاريو هوندئي

هنجڙون هاري، پاڻ کي ڳاري
ڪمري کي به رئاريو هوندئي

سڏڪا روڪي پنهنجيءَ دل کي
دلبن ساڻ ڌتاريو هوندئي

هاڻي هاڻي سنبري هوندينءَ
پنهنجو پاڻ سينگاريو هوندئي

سهڻا سهڻا ڪپڙا پائي
آئيني ۾ نهاريو هوندئي

ڪاش ڏسان ها سهڻي صورت
سرمو ڳل تي هاريو هوندئي

جي اک ڦرڪئي پڪ تون ڀانئج
منهنجي ساهه سنڀاريو هوندئي

تنهنجو روح رڙي جي جاني
منهنجي پيار پڪاريو هوندئي

“ تنهنجي آهيان، تنهنجي رهنديس”
وعدو ڪين وساريو هوندئي

___________________________________

ڪتاب: “ تنڌ ڪٽارو ڪنڌ ” صفحو نمبر 31، 10 جنوري 1975
(لنڊن کان ڪراچي ايندي هوائي جهاز ۾ لکيل)








0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔