غزل
مسرور
پيرزادو
درد پنهنجو وڌائڻو آهي!
حالتن سان ڪري ڪو سمجهوتو،
درد پنهنجو ڀُلائڻو آهي.
اڄ نمائش ڪري ڪا زخمن جي،
ڌيان تنهنجو ڇڪائڻو آهي.
زندگيءَ ۾ مزو رهيو ناهي،
وقت سان بس نڀائڻو آهي.
جوڪرن جيئن لڪائي لُڙڪَ مِٺا!
هِت سڀن کي کلائڻو آهي.
عشق هي راز آهه راڻا! جو،
ڪين ڪنهن کي ٻڌائڻو آهي.
روح ۾ راڳ جو رچيل آهي،
بس اهو ئي ته ڳائڻو آهي.
هاڻ مون کي به شعر- ڪُوزي ۾،
سوچ- دريا سمائڻو آهي.
زندگيءَ جو پرين! وڳو لاهي،
موت جو مون کي پائڻو آهي.
سِيءُ آهي سندءِ جُدائيءَ جو،
شاعريءَ مَچُ مچائڻو آهي.
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔