امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


03/03/2013

ٽهڪ ڏي تن ساڻ گڏ سُڏڪا به ڏي



غزل

هدايت بلوچ

ٽهڪ ڏي تن ساڻ گڏ سُڏڪا به ڏي
تون به مل پنهنجا پرين پاڇا به ڏي

ايتري يڪسانيت ناهي چڱي
پيار سان ڳالهاءِ پر دڙڪا به ڏي

تنهنجي دل جو ڏيھ آ ڏسڻو ضرور
پيار مُنهنجي کي پرين ويزا به ڏي

نانُ منهنجي کي رکج تون ياد بس
ٻين سڀن نالن کي تون ليڪا به ڏي

مفلسن سان پيار ۾ ڪهڙو مزو
پيار ڀي ڪر ۽ پرين پئسا به ڏي

تنهنجي هڙ ۽ آ ٻڌل انڪار بس
تون هدايت کي ڪڏهن ڪا ها به ڏي


0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔