امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


28/03/2013

غلط راهن تي اڪثر ٿو کڻي هرڪو قدم پنهنجو



غزل

مخدوم طالب المولا

غلط راهن تي اڪثر ٿو کڻي هرڪو قدم پنهنجو
جو اڄ ڪلهه پيشوائن جا اهي ويچار مٽجي ويا.

پيڻ کان پوءِ وڦلڻ جو اچي ٿو دؤر اي همدم
اهي ساقي بدلجي ويا اهي ميخوار مٽجي ويا.

پراون تي ڀلا ڪهڙيون ميارون طالب الموليٰ
هو ننڍپڻ جا ئي ساٿي نيٺ ڪارا وار مٽجي ويا.

ٿيا زيب چمن سي گل نه آهي جن ۾ ڪا خوشبو،
ڪجي ڇا گلستانن جا سمورا باغبان بدليا.

نٿا پهچي سگهن منزل تي قومي قافلا اڄ ڪلهه،
سبب هي آهي جو آهن امير ڪاروان بدليا.

عمل ظاهر ۾ هڪڙو قوم جو باطن ۾ رمزون ٻيون،
ڀلا ڪيئن روح پيدا ٿئي جو سڀ روح روان بدليا.




0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔