غزل
شيخ اياز
روح کي ول جيان وڪوڙيو ٿي !
جيءَ سان جيءَ ايئن جوڙيو ٿي.
چوڙيون چنڊ جيئن ٽٽيون آهن،
ٻانهن کي ايترو مروڙيو ٿي.
هائي ميهار بنسري تنهنجي،
ايترا سڏ ! اڄ ته ٻوڙيو ٿي !
اُڀُ گهنگهور ٿي ويو آهي،
سِجَ جئن پاڻ کي پتوڙيو ٿي.
سيءَ ۾ رات ڪاٽجي ويندي،
ڇو صدين لاءِ هيئن روڙيو ٿي؟
اي سُکاڻي اڃا تہ ڪنڌيءَ ڏي،
پيار جي ناوَ کي نہ موڙيو ٿي ؟
هاڻي سوچي لکي رهيو آهيان،
اي ازل ! عهد ڄڻ تہ ٽوريو ٿي.
وانئُٽيون واءُ ۾ پيون ڦڙڪن،
نينهن ! پنهنجو نشان کوڙيو ٿي !
پيار کان ڪو نه ٿو مڙين اڄ ڀي،
ڪيترو اي اياز لوڙيو ٿي !
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔