امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


06/03/2013

هڪڙي ڪونج نه مار، اڙي آهيڙي!


وائي

شيخ اياز

هَيءِ هَيءِ ڪونج نه مار- اڙي آهيڙي،
                                هَيءِ هَيءِ ڪونج نه مار!

 
تون به ته ڪنهن جو ساٿي آهين، پنهنجي  سينڌي سار،
                                         اڙي آهيڙي!

هَيءِ هَيءِ ڪونج نه مار!
هَهڙا ڳاٽَ نه ڳول، اَلا تون، ڪائي ٽورَ ته ٽار،
                                           اڙي آهيڙي!

هَيءِ هَيءِ ڪونج نه مار!
جي هيءَ توتي تورُ ته ان کي تاڙي مارِ، اُڏار،
                                          اڙي آهيڙي!

هَيءِ هَيءِ ڪونج نه مار!
پر جي تو ۾ جاڙ ته پوءِ تون، جوڙي جوڙي مار،
                                           اڙي آهيڙي!

ڪهل ته ڪـــائي ڌار،
                        اڙي آهيڙي!

هڪڙي ڪونج نه مار،
                        اڙي آهيڙي!

2 تبصرا:

Unknown لکيو آهي

شيخ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي هُن جي تمام ڊگهي سوچ هئي
باقي ادا اوهان جو بلاگ زبردست آهي
مون وٽ ٽيمپليٽ اپلوڊ نٿو ٿئي اگر ڪا صلاح ڏيو ته مهرباني ٿيندي

Muhammad Suleman Wassan لکيو آهي

ادا مهرباني۔

اوهان کي شاباس هجي جو بلاگ تي ڪم پيا ڪيو۔ اوهان کي جيڪي مسئلا اچي رهيا آهن اهي سنڌ سلامت تي پڇو۔ دوست اوهان جا سڀ مسئلا حل ڪري وٺندا۔

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔