امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


18/03/2013

اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان


امر پيرزادي جي پهرين شعري مجموعي عشق جي مهورتي تقريب جي موقعي تي هدايت بلوچ پاران ڀيٽا
***********************

اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان


هدايت بلوچ 

اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان،
پو ءِ انور کي پيغام ڏجان،
اي ٻلهڙيجي جا ٻهڳڻ تون،
۽ گھوٽ ڀٽائيءَ جا عاشق،
تون ٽهڪ وڏا ڀل ڏيندو رھ،
جيڏو به وڻئي ، خوش ٿيندو رھ،
زرار ، جو تنهنجو پٽ آهي،
تو جيئن صحافي ٿي ويو آ
هي جيڪو منهنجو ڪالم آ،
زرار ئي ڇاپيندو پيارا.

ٻيو تنهنجو پٽ امر آهي،
جو شعرن سان ٿو * عشق * ڪري،
اڄ عشق مهورت ٿي ويندو،
ڄڻ تنهنجي صورت ٿي ويندو،
تون پوک جا پوکي وئين پيارا،
تنهن پوک جا سنگ ۽ رنگ ته ڏس،
تنهن پوک جا گل ڏس ڪيئن ٽڙيا،
هٻڪار پکڙجي وئي آهي،
مهڪار پکڙجي وئي آهي.

شمشان کان ٻاهر آ پيارا،
پو ءِ موٽي وڃجانءِ ڀل پيارا،
تون پنهنجي پٽن جا ڳل ته چم،
تون پنهنجي پٽن جا نرڙ ته چم،
اڄ عشق مهورت ٿي ويندو.


تون پنهنجي پٽن جي شعرن کي،
۽ تنهنجي شعري ڳٽڪي کي،
اڄ پاڻ پڙهي وڃ او پيارا،
يارن سان ملي وڃ او پيارا،
اڄ آچر آ، اڄ موڪل آ
توکي به ته موڪل ٿي هوندي،
۽ عشق سندي ڪل ٿي هوندي،
اي چنڊ تون انور کي چئجان،
اڄ امر جي عشق تي پاڻ اچي،
۽ تنهنجي خوشيءَ ۾ خوب نچي.

پر اڄ مان عشق جي باري ۾،
ڪجھ بيت ڀٽائيءَ جا ٿو پڙهان،
ڪو امر جي سهڻي چهري کي،
جاچي ته ڏسي ۽ پو ءِ پڙهي،
هي بيت ڀٽائيءَ جا سائين.

عشق نه آهي راند ، ته ڪي ڪنس ڳڀرو
جيءُ ، جسي ۽ جان جي هڻي جو هيڪاند
سسي نيزي پاند ، اُڇل ته اڌ ٿئي

اڃا تو منجھاءَ ، ڪک ڇُتي رت نڪري
منهن ۾ محبوبن جا ، ڪينئن جھليندين گھا ءَ
سو تو ڪُڄاڙيا ءَ ، سڪڻ جون سڌون ڪرين

.

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔