امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


03/03/2013

تون پنهنجو پاڻ کي آخر وَڻي وَڻي ٿَڪبين



غزل

اياز گُل

سڄو ڏِهاڙو ئي پيارا !، بَڻي بَڻي ٿَڪبين
تون پنهنجو پاڻ کي آخر وَڻي وَڻي ٿَڪبين

ڪو هڪڙو ٻيرُ به ڇَڻندو نه، پيارَ جو هِن مان
عجيب ٻيرِ آ، پٿرَ هَڻي هَڻي ٿَڪبين

نه هُن جو ساٿ ئي ملندءِ، نه اعتبارُ ڪڏهن
قسمَ، قرآنَ ۽ ساکُون کَڻي کَڻي ٿَڪبين

صبُر سان گهاوَ، سهڻ جو به حوصلو ڪيڏو ؟
گهڙِي گهڙِي آهي نيزي ــ اَڻِي، اَڻِي ٿَڪبين

صَدين جي پياسِ کڻي، ٿَرَ جيان رهيو آهين
هي زندگي ته اَڃا ڀي ڪَڻِي ڪِڻِي ٿَڪبين ؟

وري وري توکي ڦُٽِڻو آ، گُل آهين
نٿو مان سمجهان ته سُهڻا !، ڇَڻِي ڇَڻِي ٿَڪبين


0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔