غزل
شيخ اياز
ٻه ٽي
نينگريون، چاندنيءَ ۾ پتَڻ
لٿيون اپسرائون سجاول ۾ ڄڻ !
ڀني رات ڳهرا ٿيا ڳوٺڙا
اَسارو اَسارو گُھلي ٿو ڏکڻ.
ستارن ڀرئي اُڀ هيٺان نه سُمهه!
ستارا ڏسي ياد ايندءِ سڄڻ.
اڙي رات تارن ڀري! تو ڏٺو
ترائيءَ مٿان هو اڪيلو هرڻ؟
چَون ٿا ته آ ڏات آڪاس _ ڦُلُ
چون ٿا ته پنهنجو نه تون پوک وڻ
پرينءَ جي پکي ۾ وڃي ٿو ’اياز‘
ٽڙي آهي ٽانگر، ٻه ٽي ڦولَ کڻ.
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔