امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


03/03/2013

شاعري جي روح گرمائي نه ٿي، منزلِ مقصود کي پائي نه ٿي



غزل

شيخ اياز

شاعري جي روح گرمائي نه ٿي،
منزلِ مقصود کي پائي نه ٿي.

گونج تنهن جي ڇا ڪبي، محبوب جو،
ڪونج جي پيغام پهچائي نه ٿي!

گيتُ منهنجو ڌرتتيءَ جي دانهن آ،
ڪا ڳڻن واري ائين ڳائي نه ٿي.

اي ٻڏي! ٻاڪار، ٻانهون هڻ! رڳو
پريت ڪنهن کي پار پهچائي نه ٿي.

ٿو ڪري راڪاس راڙا پر اياز
هيل تُنهنجي سنڌ گھٻرائي نه ٿي


0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔