”تماشو دردُ ٿو بڻجي“
ادل سومرو
اهو
ئي ديس آ پنهنجو
سدائين
گھا وَ هرڻين کي
چنبا
ٿيا لالُ بگھڙن جا.
سرن
تان چادرون ڇڪجن
گهٽِين
۾ عزتون ڌڪجن
ٽڪن
تي فيصلا پڙهجن
ڪٿائون
ڪيتريون لکجن
اِهو
ئي ديس آ پنهنجو
ننگن
تي تُهمتون ساڳيون
اُهي
ئي ڏاڍَ جا جرگا
رُلن
پيرن ۾ ٿيون پوتيون
سدائين
ڌوڙ ٿيا پٽڪا
روشن
سَڀُ ڪورٽون، ٿاڻا
انڌيرن
۾ ٻڏا ڀاڳيا.
اهو
ئي ديس آ پنهنجو
تماشو
درد ٿو بڻجي
خبر
اخبار ۾ ڇپجي
اِهو
انياءُ ڇا چئجي!
هُنن
جا ڪوٽ هِن ڪارا
جتي
سڀ رُوحَ هن قيدي
هِنن
جا ڪوٽَ هِن ڪارا
ڇڏنِ
ٿا سوچ کي وڪڻي.
اِهو
ئي ديس آ پنهنجو
اسان
کي پوءِ به پيارو آ.
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔