امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


18/03/2013

وري راھ مقتل جي اڄ ڪنھن پڇي آ



غزل

رخسانه پريت چنڙ

وري راھ مقتل جي اڄ ڪنھن پڇي آ
وري بيقرارين جي موسم لٿي آ

،ڇڙي جنگ ناحق ۽ حق جي وئي آ
.جو جلاد چادر سسين سان سٿي آ

نه ئي ڪوئي بادل نه ڪا ڇت ڇپر آ
اسانجي سفر ۾ نجيِ ڌر
تتي آ

ڀلي ماڻجو دل لڳيون پيا سڀئي
پر
انھن کان به پڇجو،
جنين دل ڀڳي آ

وڃايل بھارن ۾ ھٻڪارون ڪھڙيون
سڃاتاسين، جن ساري خوشبو کسي آ

ھليا شھر جانان ڏانھن سڀ ڪجھ ھو تياڳي
مگر واٽ تن سان ڪري وئي ٺڳي آ

اڃان عڪس روشن ڏسئون آرسين ۾
نه آڱر اڃان حوصلن جي ڇڏي آ

پتو ڪنھن رکيو عاشقين جي سفر جو
۽ تاريخ ڪنھن دل لڳين جي لکي آ



0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔