غزل
هدايت بلوچ
هو منهنجي آھ محبوبا يا ڪائي عام عورت آ
پري ڀڄندي وڃي ٿي، هاڻ ويسارو به ٿي پيو آ
اڳي جا، جان هئي منهنجي. سدا مهمان هئي منهنجي،
هينئر ٽهندي وڃي ٿي، هاڻ ويسارو به ٿي پيو آ
اڳي سيني سان لڳندي هئي، ڪڏهن ڀي ڪانه ڪنبندي هئي،
هينئر ڪنبندي وڃي ٿي، هاڻ ويسارو به ٿي پيو آ
اڳي کنگھندي نه هئي ڪنهن کي، حسن تي ناز ايڏو هوس،
هينئر کنگھندي وڃي ٿي، هاڻ ويسارو به ٿي پيو آ
هدايت ڀڄ پري پوڙها، هينئر ساڳيو رهيو ناهين،
ائين چوندي وڃي ٿي، هاڻ ويسارو به ٿي پيو آ
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔