امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


04/03/2013

وري درد تنهنجا به درمان ٿي ويا



غزل

حليم باغي

وري درد تنهنجا به درمان ٿي ويا
وري سهج جا ڪجھ ته سامان ٿي ويا

اسان جي اميدن به ڪجھ رنگ لاتو
اوهان جا به موسم تي احسان ٿي ويا

جتي ڪنڌ لوئي ڪُٺي ڪالهه ڪونجي
اتي گيت منهنجا به ويران ٿي ويا

ڏسي تنهجي چوٽي ۾ گينڊي سندو گل
ستارا ويچارا پشيمان ٿي ويا

جيالن جڏهن تنهنجو نالو اچاريو
ته سِر تان او سنڌو! سي بي ڌيان ٿي ويا

اسان عشق کي دل کان هٽائڻ جو سوچيو
وري زلف تنهجا پريشان ٿي ويا

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔