غزل
استاد بخاري
شوق تنهنجو شئي ئي ٻي بنجي ويو
دل لڳي مان ، زندگي بنجي ويو
چنڊ تارا ، گل سهي سودا نه ڏين
حسن تنهنجو هڪ هٽي بنجي ويو
چؤطرف چمڪار تنهنجي سونهن جا
چاھه منهنجو چؤدڳي بنجي ويو
سونهن سان جيڪو جڙيو سو جنتي
جو ٿڙيو سو دوزخي بنجي ويو
قرب ۾ ڪؤڙو ، ڪسارو هي سمو
شاھه جي وائي مٺي بنجي ويو
منهنجو سينو آ سدوري سنڌڙي
تنهنجو سِرُ سنڌو ندي بنجي ويو
عاشقن آڏو وڏو هيڏو پهاڙ
ڌوڙ جي آ خر دڙي بنجي ويو
جنهن کي تون”استاد“ووڙيندو وتين
سو ته تنهنجي شاعري بنجي ويو
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔