غزل
روبينه ابڙو
اي ڀورا بادل ڇا جي لئه مون تو ۾ نيڻ کُپايا هِن؟
تو پنهنجي پويان آگم آگم ڪيڏا نيڻ رُلايا هِن !
ڪُجهه خواب اکين جي کِڙڪين مان ڏئي ڀڙڪوڪالهه اڏامي ويا،
مون تو لئه پو ڀي ڪومل ڪومل سپنا چار بچايا هِن !
تون خالق هُئين تخليق بڻين ڄڻ مورت مان تصوير بڻين،
تون منهنجو ئي رهندو آهين توڙي سو روپ مٽايا هِن !
مان چُپ هان ڪائي ڳالهه ته آ، پوءِ هيڏا سڏ پُڪارون ڇو؟
تون ڄاڻين ٿو مون ڇا جي لئه هِي هيڏا سڏ لنوايا هِن؟
مان اچڻي ناهيان ڄاڻين ٿو پو ڀي تون راهه نهارين ٿو،
مان وِير جيان واپس ورندس تنهنجا سڀ خيال اجايا هن !
ڇا سوچين پيو، ٿو ڪيرُ ڦري هن ڌرتي کان امبر تائين،
ڇو بي ترتيب ستارن ۾ تو پنهنجا نيڻ وڃايا هن !؟
تون هرهر ياد نه ڪر مون کي،ڏِسُ هينئن برباد نه ڪر مون کي،
مون ڏاڍي مُشڪل سان ساٿي ڪجهه تنهنجا خيال ڀلايا هِن !
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔