امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


26/03/2013

تار هر يڪتار جي، تنبور جي، سنتور جي، رنگ لائي، گيت ڳائي، چنگ هولي ٿا ملهائن


رحمت پيرزادو


هولي غزل

تون ملهائين ٿي جو هولي، رنگ هولي ٿا ملهائن،
جسم تنهنجي جا سمورا انگ هولي ٿا ملهائن.

ڪا سهاڳڻ ڀاڪرن جي هار ۾ ور سان ستل،
هي رنگولي انگ تن جا ونگ هولي ٿا ملهائن.

جسم جي جادوءَ کان اڳتي ڀي رنگن جا راز هن،
بر، بحر، تارا، ڪتيون ۽ جھنگ هولي ٿا ملهائن.

تار هر يڪتار جي، تنبور جي، سنتور جي،
رنگ لائي، گيت ڳائي، چنگ هولي ٿا ملهائن.

ڇو الائي هر خوشيءَ ۾ لڙڪ اينداهن تري،
ڏات ملندي ڏانو سان جو ڏنگ هولي ٿا ملهائن.




0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔