امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


03/03/2013

ڪيئن ڪريان مان، ڪنھن به ريت، منھنجي من کي چين ناھي



وائي

شيخ اياز

ڪيئن ڪريان مان، ڪنھن به ريت
منھنجي من کي چين ناھي

ھاءِ، ڪھڙي رات آھي
چنڊ منھنجو ناھي ميت
منھنجي من کي چين ناھي

ھيءُ گلابي رُت ڇڏي
مون کان رسي ويا ڪيئن گيت
منھنجي من کي چين ناھي

ھار ڪائي ھار ناھي
جيت ڪائي ناھي جيت
منھنجي من کي چين ناھي

تون ڪٿي آھين پرين،
آھي ڪٿي تنھنجي پريت
منھنجي من کي چين ناھي

ڪيئن ڪريان مان، ڪنھن به ريت
منھنجي من کي چين ناھي



0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔