امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


26/03/2013

تــــو ڀـــــلا ڇـــو نــه آ، لاٽ ٻــــاري اڃا



غزل

مختيار ملڪ

همسـفر کـان سـواءِ عـمـر ســاري اڃا
زندگــيءَ جــو ســفـر آهـي جــاري اڃا

رات جِـــي ٻـــاٽ ۾، ويــســرا ! واٽ ۾؛
تــــو ڀـــــلا ڇـــو نــه آ، لاٽ ٻــــاري اڃا

کـيت مهـڪـن پـيا، سنگَ جهومـن پيا،
ڪنهن ته سپني ۾ گُم سُم آ ناري اڃا

تـون سـُتو آن پـيو ، ازل جــي نـِنـڊ ۾،
تنهنجي قسمت نه بدلي اي هاري اڃا

مون ته ورثي جيان، آهي سانڍي رکي؛
منهنجي سمجهي نه تو انڪساري اڃا

سـمنـڊ جي وِير ميٽي ڇـڏيون لکَـتون؛
سـي سنڀاري ٿي ساحل جي واري اڃا


0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔