غزل
بشير
احمد شاد
راهه ۾ ڪو ڀٽڪندو ڀلندو رهيو
درد جي صحرا ۾ ڪو رلندو رهيو
سنگدل کي ڪو نه پيو هو ترس ڪو
بي ڪسيءَ تي مرڪندو کِلندو رهيو
عشق واري واٽ ورتيون شاهه جي
ڪو نهائينءَ نيهُن پيو سکندو رهيو
ڪو ته سنگِ مر مرين بڻجي ويو
ڪو ڀتر جيان پيو هتي ڀرندو رهيو
زود رنج ڪو پالڪين ۾ آ هُتي
ڪو ته بک ڏک تي به هت کِلندو رهيو
واعدن تي ڪو ڪري ويساهه هت
روز جيئندو روز هو مرندو رهيو
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔