امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


03/03/2013

جي تون اَڃا نه ڄاتو ، آ ڪير دُيس واسي



غزل

شيخ اياز

جي تون اَڃا نه ڄاتو ، آ ڪير دُيس واسي ،
تُنهنجو جَنم اَجايو ، تُنهنجي مٽي اَڻاسي !

آيو ويو سڪندر ، سيوهڻ اَڃا اُتي آ ،
هُو کير ٿر کڙو آ ، وِيندا رهيا وِناسي .

لالَڻ ! نوان لَڪن ۾ نِڪتا نِياڻَ آهن ،
ايندا جِتي لُڪن ۾ ، پانڌيئڙا پِياسي .

هِي شام جو مياڻي ، هِي سونَ رنگ پاڻي ،
تَڙ تي ٻه چار ڏيئا ، نَڙ تي ٻه چار لاسي !

منهنجي اُڪير ڇا هي؟ هي چِٽ چيت من ۾،
مندرِ ، اُداس ڏيئو ، اَڌ راتِ ، ديوداسي .

جي وک کي وڌائين ، اَڄ ماڳُ ڏور ناهي ،
ڏُونگر ڏريِ پَيو آ، ساهَس ته ڌارِ ساسِي !


1 تبصرا:

Jahangeerdahri لکيو آهي

لازوال شاعري

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔