امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


04/03/2013

اڙي شهر جانان، ڪي توکي سنڀارون



حليم باغي

اڙي شهر جانان، ڪي توکي سنڀارون
ته شاعر جون گذريون، هتي پنج بهارون
هي جوڌن جي سينن جا فراخ رستا
هي يوڪلپٽس جون نه کٽندڙ قطارون

هي تنهنجي گلين ۾، اسان جا حوالا
هي تنهنجي پٽن تي اسان جيون پچارون
هتي ٻن دلين جي به ڌڙڪن هئي گونجي
هيون جل پري ڪنهن جھڪايون نهارون

اڃان ڪجھه نه بدليو آهي اڙي دل
تصور ۾ اڀرن ٿيون ساڳيون پڪارون
هي وک وک تي منهنجي پياري جا پاڇا
۽ دڳ دڳ تي آنچل سندس جون اُڏارون

۽ هُن جي هلڻ ۾ هئي سارنگ جي رم جھم
کلڻ ۾ ته ميران جي سرندي جون تارون
ڇڙيون ۽ اسان کي ڪري ويون ويراڳي
"او بلما! ڪنهيا! ڪي اٻلا جيون سارون"

اڃان ڀي ته ساڳي ئي آ فارميسي
سپر هائيوي لڳ هو پيليون ديوارون
صبح پهريان ڪرڻا جھٽي سنڌالاجي
هوائن ۾ مهڪن گلابن جون ڏارون

سو اڙي شهر دلدار، تنهنجي دڳن تي
ڪا سفيد ڪپڙن سان ايندي ته هوندي
۽ هوءَ اپسرائن جي ٽولي جي راڻي
ڏسي تو کي اداس ٿيندي ته هوندي"

2 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔