وائي
قمر شهباز
رات چانڊوڪيءَ رَتلَ،
ڪا پَلڪَ ترسين ته ها!
چنڊ جي چانڊاڻ ۾ ها
مَچَ چاهت جا مَتَل،
ڪا پلڪ ترسين ته ها.
ڪا پلڪ ترسين ته ها.
گهُورَ
جي گهراءَ ۾ ها
ساهه
سالن کان سُتَل،
ڪا پلڪ ترسين ته ها.
ڪا پلڪ ترسين ته ها.
ڪنهن
جي اکڙين ۾ ڏٺو مون
توکي روئيندو او اجل،
ڪا پلڪ ترسين ته ها.
ڪا پلڪ ترسين ته ها.
مون
چُميو ڪنهن چنڊ کي هو،
سي
پيارا هاءِ پَل،
ڪا پلڪ ترسين ته ها.
ڪا پلڪ ترسين ته ها.
منهنجي
جهولي ۾ جهُليو هو چنڊ،
ڪنهنکي
ڪهڙي ڪل،
ڪا پلڪ ترسين ته ها.
ڪا پلڪ ترسين ته ها.
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔