امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


26/03/2013

ســارا رســتــا ڪــوهــيـڙي ۾



غزل

امر اقبال

ســارا رســتــا ڪــوهــيـڙي ۾
پنهنجا سـپنـا ڪــوهــيـڙي ۾

هــاء مسـافــر مــونجهـاري ۾
آهـــن بــيــٺا ڪــوهــيـڙي ۾

چـــهـرا ڌنـــڌلا ، ۽ ڌنــڌ لا ٿــيا
ســـــــڀ آئـــــينـا ڪـــوهــيـــڙي ۾

تــون چــپ مٺـڙي پر تنهنجا ٻئي
نــيڻ پئي مرڪيــا ڪــوهــيـڙي ۾

ڪافيء جو ڪپ تنهنجون ڳالهيون
شـام جــا لــمحــا ڪــوهــيـڙي ۾

تــنهــا رســتو ۽ خـــــامـــوشــــي
شـــــاعــر تــنهــا ڪــوهــيـڙي ۾


0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔