امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


03/03/2013

اوهان ناهيو ته پنهنجي دل، بهارن سان ٿا وندرايون



غزل

تنوير عباسي

اوهان ناهيو ته پنهنجي دل، بهارن سان ٿا وندرايون
اسان ڏي جي اوهان ايندؤ، بهارن کي نه ڏسندا سين

اڪيلا ئي اڪيلا موج سان، پوندا سين الجهي اڄ
سهارن کي نه ڏسندا سين، ڪنارن کي نه ڏسندا سين

اسان سونهان زماني جا، اسان جو ماڳ سان مطلب
ڏکين واٽن، ورن وڪڙن ۽ چارن کي نه ڏسندا سين

اجھو نڪتو، وِهائو هاڻي ڪاري رات ٿي پوري
اجھو ٿي روشني ٿيئي، هاڻي تارن کي نه ڏسندا سين


0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔