امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


26/03/2013

ڪوئل جي ڪونجار، مون نه جواني ۾ لکي!



وائي


نارائڻ شيام


ڪوئل جي ڪونجار،
مون نه جواني ۾ لکي!

هير ڀني جي اوٽ ۾،
آئي جا هٻڪار،
مون نه جوانيءَ ۾ لکي!

پوپٽ نچندا ئي رهيا،
رنگ رتي جهنڪار،
مون نه جوانيءَ ۾ لکي!

نيري نڀ جي گهور ۾،
هيئن اُڪير اَپار،
مون نه جوانيءَ ۾ لکي!

وڻج نجو ئي نور جو
تارن جي بازار،
مون نه جوانيءَ ۾ لکي!

ڪهڙي ڌُن ۾ ڌُوڪبي،
ويئي ڪيئي ڄمار،
مون نه جوانيءَ ۾ لکي!


3 تبصرا:

mujeeb sindhi لکيو آهي
This comment has been removed by the author.
mujeeb sindhi لکيو آهي

محترم سائين سليمان وساڻ صاحب جس هجي اوهان کي جو اوهان هن نفسانفسي جي دور ۾ به سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ مسلسل تاريخي ڪم ڪيو پيا. دعا آهي ته شال هر قدم ڪاميابيون ماڻيو, اوهان جو هي شاعري ڪارنر بيحد پسند آيو. هن ۾ شامل سمورن شاعرن جي چونڊ شاعري تمام بهترين آهي. اميد ته اڃا وڌيڪ سنڌي ٻولي جي بهترين شاعرن جي شاعري هن ڪارنر ۾ شامل ڪئي ويندي.

مجيب سنڌي

Muhammad Suleman Wassan لکيو آهي

مهربانيون ڀاء مجيب

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔