شاعري
بيخود بلوچ
حسن تي مرڻ
ڀي وڏي ڳالهه آهي،
مري پوءِ
جيئڻ ڀي وڏي ڳالهه آهي.
جفا جي شهر
۾ اڳيان خنجرن جي،
گهمڻ ۽ ڦرڻ
ڀي وڏي ڳالهه آهي.
تکي تيز اُس
۾ مزوري ڏُکي آ،
شعر ڪو لکڻ
ڀي وڏي ڳالهه آهي.
جو ڀُلجي به
ڪڏهين ملڻ ڪو نه آيو،
انهيءَ سان
ملڻ ڀي وڏي ڳالهه آهي.
خبرداري ۽
هوش بهتر آ ’بيخود‘،
هي بيخود
ٿيڻ ڀي وڏي ڳالهه آهي.
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔