امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


24/03/2013

ادا! حالت وڏي سنگين آهي



غزل

مسرور پيرزادو



ادا! حالت وڏي سنگين آهي،
خوشيءَ ۾ دل سندم غمگين آهي.

پَتو پوندءِ، ڪري ڏِس پيار ڪنهن سان،
ته جيون ڪيترو رنگين آهي!

اکين جو هي ڪڪر ڏاڍو وُٺو آ،
اسان جي خواب جي تدفين آهي.

حياتي هونءَ ته آهي بي سَوادي،
ها، لُڙڪن-ذائقو نمڪين آهي.

اَٿس جي ڪين ماڻهن سان محبت،
پو ديني آدمي لادين آهي.

ڏٺو دنيا ۾ ناهي جنهن خدا کي،
وڏو سو آدمي نابين آهي!

 

0 تبصرا:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔