جڏهن کان اک لڳي توسان، تڏهن کان اک لڳي ناهي،
جڏهن کان چاڪ ڪئي دل تو، تڏهن کان چاڪ ٿي ناهي.
ڪيا غم دل ۾ اوتارا، ٿڪا تارا تڪي تارا،
سڄڻ بيچين دل کي چين هڪڙو دم گهڙي ناهي.
ڪرين ٿو وار کولي وار سو سو وار او سهڻا،
لڳا ٿم ڏنگ، انگ انگ ونگ، جنهن جو دنگ ئي ناهي.
دلاور، دادلا، دلدار دلبر، دلربا، دلڪش،
دلِ دلگير کان هر نام تنهن جي کي وِٿي ناهي.
ذرا سرڪي مون کي ڏي مئي جي هڪ سرڪي، مگر مرُڪي،
سرِ محفل سخي آڏو صدا ايڏي وڏي ناهي.
ڪڍان ڇاڪاڻ ڪنهن جي ڪاڻ منهنجي ڪاڻ تون ڪافي،
ڀري ”مدهوش“ کي ڏي جام تو وٽ ڪا ڪمي ناهي.