امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


05/02/2014

نه هو غلط نه مان غلط

غزل

هدايت بلوچ

ويا سي وقت پيار جا، نه هو غلط نه مان غلط،
رهي ٿو هو خفا خفا،نه هو غلط نه مان غلط.

اسان کي عشق ٿيو هيو ۽ هن به پيار هو ڏنو،
هينئر نه ڳالھ آ اها، نه هو غلط نه مان غلط

نه چاهتون اهي رهيون،نه حجتون اهي رهيون،
نه ٿا پڇون ڪا ڇو ۽ ڇا،نه هو غلط نه مان غلط.

نه هو تجربو عشق جو،الهڙ هياسين ٻئي اسين،
زماني آ ڏني سکيا،نه هو غلط نه مان غلط

نه ٿو ڪري سگھي وفا ته ان کي ڇو چوان جفا؟
نه ٿو چوان جفا جفا، نه هو غلط نه مان غلط.

ثبوت ڪونه ٿا گھرون،سبب به ڪونه ٿا پڇون،
ڪبي نه پيار ۾ پڇا،نه هو غلط نه مان غلط.

شراب جا نشا به ڇا،جو صبح ٿئي لهي وڃن،
ڪياسون نينهن جا نشا،نه هو غلط نه مان غلط.

جنون ڀي غلط نه هو،نه هوش آ غلط هينئر،
سڀن جو پنهنجو وقت آ، نه هو غلط نه مان غلط

نصيحتون،هدايتون،اسان کي ڪون ڪو ڪري،
سڀن جا پنهنجا پيچرا،نه هو غلط نه مان غلط


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

14/01/2014

ڪو مٺڙو ماڻهو اچڻو آ، اڄ منهنجي نظر واجھائي ٿي


غزل

هدايت بلوچ

ڪا ڪونج ڪٿي ڪرلائي ٿي،
ڪو دل جو درد سڻائي ٿو.

سڪ ماروئڙن جي من اندر، 
سان هاڻ نه هرگز مائي ٿي. 

ڏس ڪارا بادل ڇانيا هن، 
۽ ڪوئل هر هر ڳائي ٿي. 

ڪٿ تيز هوا ۽ پلوءُ لٿو، 
ڪا البيلي شرمائي ٿي. 

ڪو مٺڙو ماڻهو اچڻو آ، 
اڄ منهنجي نظر واجھائي ٿي. 

ان پار ”هدايت“ آ ته هلون، 
جت نوري، ڄام ريجهائي ٿي. 


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/08/2013

مينهن وسي ٿو نينهن وسي ٿو

غزل

هدايت بلوچ

مينهن وسي ٿو
نينهن وسي ٿو


توکي خبر آ
ڪيئن وسي ٿو

 
منهنجي اکڙين
جيئن وسي ٿو

 
جيئن ڀڄي ٿي
تيئن وسي ٿو


ڀڄندي ڀڄندي
مونکي چوي ٿي


ڏس هدايت
هيئن وسي ٿو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

28/05/2013

ٻه فقيرياڻيون

هدايت بلوچ

هڪ ڪارڙي ، ويچارڙي
ڪوجھي صفا ، سنهڙي سڪل،
ڏيل ڏٻرو ۽ لٽا ليڙون ٿيل ،
وار اڻڀا ۽ ڳچيءَ تي گر چڙهيل
ٻارڙو ڪڇ تي کنيو،
پنندي وتي،
چوندي وتي
الله جي نالي ڏيو.

ماڻهو بيزاريءَ وچان
نفرت وچان
* معاف ڪر * 
تنهنکي چيو،
پاسو ڪيو 
نڪتا وڃن.
ڪونه تنهنکي،
ڪو ٽڪو، پئسو ڏئي،
ڪارڙي ويچارڙي
ڏاڍي اداس
ڪارڙي ويچارڙي
ڏاڍي نراس
زندگيءَ جا ڏينهن 
پورا پئي ڪري

**************

هڪ ٻي فقيرياڻي
پريان پنندي وتي
ڪڻڪ رنگو
گول چهرو چمڪندڙ
ڦوهه جوڀن کان 
ارهه اڳتي وڌيل 
هوءَ نه ٿي الله جي نالي
ڪري ڪنهن کان سوال
هوءَ پني ٿي
پر نئين انداز سان
مام سان مرڪي
اکيون هڪ هنڌ جھلي
بس ڇڙو 
هٿ کي وڌائي ٿي ڇڏي
ماڻهو سڀ 
تنهن تان وڃن ٿا
اول گھول
پنهنجي کيسن ۾ وجھي هٿ
۽ رپيا ٻاهر ڪڍي
تنهنجي نازڪ
ڀورڙي هٿ تي رکي
ڪجهه زور سان 
ڪجهه مام سان 
هڪ هلڪو چيڀٽڙو ڏئي
اڳتي وڌن 
هوءَ پاڇولي جيان
تن جو ڪري پيڇو 
۽ پوءِ

***********

ڪار جي نازڪ ۽
ڪونئري سيٽ تي
صاف ۽ شفاف شيشي مان ڏسي
ڪارڙي پنڻيءَ تي
مرڪي ٿي ڏئي
ڪار هڪ زوڪاٽ سان
ڪير ڄاڻي ڪهڙي رستن تي وئي
زندگيءَ جو سلسلو
هر روز ٿو هلندو رهي
گول مانيءَ لاءِ هت
ڇا ڇا نه ٿو ٿيندو رهي
***********


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

18/03/2013

اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان


امر پيرزادي جي پهرين شعري مجموعي عشق جي مهورتي تقريب جي موقعي تي هدايت بلوچ پاران ڀيٽا
***********************

اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان


هدايت بلوچ 

اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان،
پو ءِ انور کي پيغام ڏجان،
اي ٻلهڙيجي جا ٻهڳڻ تون،
۽ گھوٽ ڀٽائيءَ جا عاشق،
تون ٽهڪ وڏا ڀل ڏيندو رھ،
جيڏو به وڻئي ، خوش ٿيندو رھ،
زرار ، جو تنهنجو پٽ آهي،
تو جيئن صحافي ٿي ويو آ
هي جيڪو منهنجو ڪالم آ،
زرار ئي ڇاپيندو پيارا.

ٻيو تنهنجو پٽ امر آهي،
جو شعرن سان ٿو * عشق * ڪري،
اڄ عشق مهورت ٿي ويندو،
ڄڻ تنهنجي صورت ٿي ويندو،
تون پوک جا پوکي وئين پيارا،
تنهن پوک جا سنگ ۽ رنگ ته ڏس،
تنهن پوک جا گل ڏس ڪيئن ٽڙيا،
هٻڪار پکڙجي وئي آهي،
مهڪار پکڙجي وئي آهي.

شمشان کان ٻاهر آ پيارا،
پو ءِ موٽي وڃجانءِ ڀل پيارا،
تون پنهنجي پٽن جا ڳل ته چم،
تون پنهنجي پٽن جا نرڙ ته چم،
اڄ عشق مهورت ٿي ويندو.


تون پنهنجي پٽن جي شعرن کي،
۽ تنهنجي شعري ڳٽڪي کي،
اڄ پاڻ پڙهي وڃ او پيارا،
يارن سان ملي وڃ او پيارا،
اڄ آچر آ، اڄ موڪل آ
توکي به ته موڪل ٿي هوندي،
۽ عشق سندي ڪل ٿي هوندي،
اي چنڊ تون انور کي چئجان،
اڄ امر جي عشق تي پاڻ اچي،
۽ تنهنجي خوشيءَ ۾ خوب نچي.

پر اڄ مان عشق جي باري ۾،
ڪجھ بيت ڀٽائيءَ جا ٿو پڙهان،
ڪو امر جي سهڻي چهري کي،
جاچي ته ڏسي ۽ پو ءِ پڙهي،
هي بيت ڀٽائيءَ جا سائين.

عشق نه آهي راند ، ته ڪي ڪنس ڳڀرو
جيءُ ، جسي ۽ جان جي هڻي جو هيڪاند
سسي نيزي پاند ، اُڇل ته اڌ ٿئي

اڃا تو منجھاءَ ، ڪک ڇُتي رت نڪري
منهن ۾ محبوبن جا ، ڪينئن جھليندين گھا ءَ
سو تو ڪُڄاڙيا ءَ ، سڪڻ جون سڌون ڪرين

.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/03/2013

هاڻ ويسارو به ٿي پيو آ



غزل

هدايت بلوچ

برف ڄمندي وڃي ٿي، هاڻ ويسارو به ٿي پيو آ
عمر وڌندي وڃي ٿي، هاڻ ويسارو به ٿي پيو آ

هو منهنجي آھ محبوبا يا ڪائي عام عورت آ
پري ڀڄندي وڃي ٿي، هاڻ ويسارو به ٿي پيو آ

اڳي جا، جان هئي منهنجي. سدا مهمان هئي منهنجي،
هينئر ٽهندي وڃي ٿي، هاڻ ويسارو به ٿي پيو آ

اڳي سيني سان لڳندي هئي، ڪڏهن ڀي ڪانه ڪنبندي هئي،
هينئر ڪنبندي وڃي ٿي، هاڻ ويسارو به ٿي پيو آ

اڳي کنگھندي نه هئي ڪنهن کي، حسن تي ناز ايڏو هوس،
هينئر کنگھندي وڃي ٿي، هاڻ ويسارو به ٿي پيو آ

هدايت ڀڄ پري پوڙها، هينئر ساڳيو رهيو ناهين،
ائين چوندي وڃي ٿي، هاڻ ويسارو به ٿي پيو آ



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ٽهڪ ڏي تن ساڻ گڏ سُڏڪا به ڏي



غزل

هدايت بلوچ

ٽهڪ ڏي تن ساڻ گڏ سُڏڪا به ڏي
تون به مل پنهنجا پرين پاڇا به ڏي

ايتري يڪسانيت ناهي چڱي
پيار سان ڳالهاءِ پر دڙڪا به ڏي

تنهنجي دل جو ڏيھ آ ڏسڻو ضرور
پيار مُنهنجي کي پرين ويزا به ڏي

نانُ منهنجي کي رکج تون ياد بس
ٻين سڀن نالن کي تون ليڪا به ڏي

مفلسن سان پيار ۾ ڪهڙو مزو
پيار ڀي ڪر ۽ پرين پئسا به ڏي

تنهنجي هڙ ۽ آ ٻڌل انڪار بس
تون هدايت کي ڪڏهن ڪا ها به ڏي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/02/2013

تون مونکان پري پيارا، هڪ پل به نه ٿيندو ڪر

شاعر 

هدايت بلوچ

 
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>