امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ
هتي ڪلڪ ڪريو!
Pages
سرورق
سليمان وساڻ جو بلاگ
تاريخ جي ورقن مان
سنڌ سلامت
23/07/2013
توکي چاهيو آ صرف توکي ئي
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
رضوان گــل
مونکي ديوار سان نه لاءِ سکي
اعتبار ڪر نه آزماءِ سکي
توکي چاهيو آ صرف توکي ئي
ورق ماضيءَ جا تون وراءِ سکي
مان ته تولاءِ ئي ٺهيو آهيان
تنهنجو آهيان لباس، پاءِ سکي
برفباري وڌي وئي آهي
آءُ سيني سان مونکي لاءِ سکي
تنهنجي راهن ۾ روشني ٿيندس
ديپ آهيان اچي جلاءِ سکي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>
24/04/2013
دلين ۾ نفرتون آهن, بظاهر الفتون آهن
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
رضوان گل
دلين ۾ نفرتون آهن
بظاهر الفتون آهن
اندر جون موسمون پن ڇڻ
ته ڪهڙيون رونقون آهن
پيو ٿو چهرا بدلائي
وڌي ويون حيرتون آهن
محبت ٿي وڃي حاصل
اندر ۾ حسرتون آهن
هنيائين ڪُکِ ۾ خنجر
چيائين حجتون آهن
ڀلي ڪچليو، ڏيڻ خوشبو
گلن جون عادتون آهن
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>
هي شعر منهنجي اندر جا اڌما, هي لفظ منهنجي زبانَ آهن
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
رضوان گل
خسيس ٿي ويا، مهانَ آهن
قيامتن جا نشانَ آهن
هي تنهنجا سارا وچن پيارا
لڳي ٿو سياسي بيانَ آهن
اسان آ سِرڙو رکيو اڏيءَ تي
اڃا اوهانکي گمانَ آهن!
اوهان پڄاڻان پرين اسان جي
اندر ۾ غم جا جهانَ آهن
هي شعر منهنجي اندر جا اڌما
هي لفظ منهنجي زبانَ آهن
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>
تنهنجي گھور جي آس اکين ۾
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
رضوان گل
تنهنجي گھور جي آس اکين ۾
خوابن جا هن ٽياس اکين ۾
صحرا وانگر نيڻ اڃايل
اڻ کٽ آهي پياس اکين ۾
رڃ ۾ تنهنجو چهرو جرڪيو
جاڳي پيا وشواس اکين ۾
اڌ ڪٺل ڪنهن ڳيري وانگر
تڙپن ٿا احساس اکين ۾
پن ڇڻ جي موسم آئي آ
گل کي آهه نراس اکين ۾
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>
28/03/2013
هٿ ڏئي منهن تي، هوءَ شرمائي ٿي، چوڙيون کڙڪن ٿيون
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
وائي
رضوان گُل
هٿ ڏئي منهن تي
هوءَ شرمائي ٿي
چوڙيون کڙڪن ٿيون
نيڻ کڻي هر هر
ڪنڌ جھڪائي ٿي
چوڙيون کڙڪن ٿيون
ناري ڪمري ۾
ويس مٽائي ٿي
چوڙيون کڙڪن ٿيون
بارش ۾ پُسندي
دل هرکائي ٿي
چوڙيون کڙڪن ٿيون
هٿ اشارن سان
ڳالهه ٻڌائي ٿي
چوڙيون کڙڪن ٿيون
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>
اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
رضوان گُل
اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري،
جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري.
هو مرڪي پئِي، ٿو صفا ايئن لڳي،
ته معصوم آهي گھڻي ڇوڪري.
اسان جون وفائون نه ٺُڪراءِ تون،
اٿئي ڪوئي سائين ڌڻي ڇوڪري.
سڄو ڄامشورو ويو واسجي،
گھمي ٿي ائين گل هڻي ڇوڪري.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>
پراڻيون تحريرون
سرِورق