امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


07/10/2016

نڀائڻ تو اچي ڪاٿي، نڀائڻ جي نہ ڪر دعوا


غزل

شميم مري

نڀائڻ تو اچي ڪاٿي، نڀائڻ جي نہ ڪر دعوا،
ڊٺو توکان ٺھيو ڪڏھن ؟ بنائڻ جي نہ ڪر دعوا.

صفا تون ڪو اناڙي آن، اُڊيڙڻ ئي اچي توکي،
اُڊيڙيل دل ڪٿي سبجي، سبائڻ جي نہ ڪر دعوا.
.
پرين جيڏي ڏني ھوندءِ، انھيءَ کان وڌ ڏني ھُوندم،
محبت۾ مٺا مونکي، جتائڻ جي نہ ڪر دعوا.

محبت ۾ سوين نسلين، اسان ھاري پرين تنھنجا،
جُھڪائيندين ، نہ جھڪنداسين، جھڪائڻ جي نہ ڪر دعوا.

اکيون تنھنجون اسان ڄاڻون، سڃاڻون دل جي چرپر کي،
اسان تنھنجو اندر ڄاڻون ، لڪائڻ جي نہ ڪر دعوا.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اسان ۾ حوصلا آھن، اسان ۾ دل لڳي ناھي

غزل

شميم مري

اسان ۾ حوصلا آھن، اسان ۾ دل لڳي ناھي،
اسان ۾ کوڙ ارڏايون، اسان ۾ پر ٺڳي ناھي.

ڪرين ٿو پيار جي دعوا، ملڻ لئہ وقت ناھي ڪو،
ننڍي ڪا ٻار ناھيان مان، سراسر ھي مڳي ناھي.

نہ ڪي دوکا اچن ھن کي، نہ ئي دوکا ڪرڻ ڄاڻي،
سھي سگھندي نہ دوکن کي، اڃا ايڏي سگھي ناھي.

اڃا ڪجھ دير رھ مون سان، اڃا ڪجھ پيار ڏي مونکي،
اڃا ڪجھ رات آ باقي، پرھ تائين پڳي ناھي.

چري ٿي نينگري آھي، جدائي لئہ پئي سوچي،
وڇوڙا ھن ڏٺا ناھن، ڀُري ناھي، ڀڳي ناھي .
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>