امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


06/04/2016

موت اچڻ ۾ دير ڪئي آ، يار ملڻ ۾ دير ڪئي آ


قطعا 

اسحاق راهي

موت اچڻ ۾ دير ڪئي آ،
يار ملڻ ۾ دير ڪئي آ،
ڏسجي، ڪير اچي ٿو اڳ ۾،
مون به مرڻ ۾ دير ڪئي آ.

*
هُو ماڻن سان ماري ته مان ڇا ڪريان،
جي مُرڪي نهاري ته مان ڇا ڪريان،
چريائي سان پنهنجو وڏو چاههُ آهي،
صنم جي سُڌاري ته مان ڇا ڪريان.

*
پيار جو نالو کڻي مون سان نه مِلُ،
بره جو ڀالو کڻي مون سان نه مِلُ،
منهنجي دل جو اي سڄڻ ڪرڪو خيال،
نيڻ ڪو آلو کڻي مون سان نه مِلُ،

*
توکي جيئن مان ڏسندو آهيان.
مرندي مرندي بچندو آهيان،
مون کان مُرڪ لڪائين ڇو ٿو،
مان ته انهيءَ لئه مرندو آهيان

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

گلشن تي لک، گلن تي ، نظارن تي ويهي لک

اسحاق راهي جي تخليق:


گلشن تي لک، گلن تي ، نظارن تي ويهي لک،
لکڻو اٿئي ته دل جي بهارن تي ويهي لک

هر دم، قدم ۽ راهگذارن تي ويهي لک
گھٽ گھيڙ تي ۽ چاهه جي چارن تي ويهي لک

نظرن کي آ فريب مليو سبزه زار کان
ويران شهر، صحرا، مزارن تي ويهي لک

ذڪر_ خزان فضول آ گلشن ۾ همنشين
دل ٿي چوي ته دل جي قرارن تي ويهي لک

گرهڻ لڳي ٿي جن کي انهن تي لکڻ ڇڏي
ٽيڙو ڪتبن فلڪ جي ستارن تي ويهي لک

گيسو ڇڏي ٿو يار ته ٻئي جڳ ٿا واسجن 
راهي لکين ته ان جي ئي وارن تي ويهي لک
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

29/09/2015

گل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لڏن، ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نه ٿو ڪري

اسحاق راهي

گل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لڏن، ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نه ٿو ڪري
ڳالهيون ته الائي ڪهڙيون اٿن، ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نه ٿو ڪري

وارن جون چڳون جي يار ڇڏيون، رخسار تان ڄڻ پيا نانگ لهي
ڳلڙن کي چمڻ لئه پيا تڙپن، ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نه ٿو ڪري

راهي کي سزاءِ عشق ڏجي، راهي جي صنم کي ڄاڻ ڪريو،
پنچائت گهرائي بحث پيا ڪن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نه ٿو ڪري.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪچهريون روز پيون ٿينديون، مگر تون مان نه هونداسين

نظم

اسحاق راهي

ڪچهريون روز پيون ٿينديون، مگر تون مان نه هونداسين،
نيون پيون محفلون مچنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

موافق باغ سان بادِ صبا پئي هر گهڙي ٿيندي،
گلن ۾ رنگتون اينديون، مگر تون مان نه هونداسين.

چمن ۾ چهچٽا هوندا، ڪلين ۾ تازگيون هونديون،
بهارون اينديون ۽ وينديون، مگر تون مان نه هونداسين.

نوان عشاق پيا ايندا، نوان محبوب پيا ملندا،
نديون پيون نينهن جون وهنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

حياتي واري ڪان ميلا محبت جا پيا ايندا،
دليون ڪي پرچنديون رسنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

هميشه بره جون بجليون ۽ هوندا پيار جا بادل،
نيون پيون بارشون وسنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

اسان کان پوءِ ڀي آباد هوندا ويڙها خوشين جا،
وري عيدون پيون اينديون، مگر تون مان نه هونداسين.

اهي راتيون رسيليون ۽ رهاڻيون، تنهنجو ۽ منهنجو،
پيون هر گام تي پڇنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

سنڀالي دل ۾ دل واريون نشانيون نينهن واريون خود
لڪائي پيون لڪائينديون، مگر تون مان نه هونداسين.

اهائي حسن جي پوڄا ۽ هوندا سونهن کي سجدا،
پچارون پيار جون هلنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

اسان جي پيار جي خوشبو سان ويندا واسجي ”راهي“،
سڀئي واهڻ سڀئي وسنديون، مگر تون مان نه هونداسين.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

10/06/2013

آخر سنڌ بچائي ويندا

اسحاق راهي 

سنڌ ۾ ماڻهو ڌرتي خاطر، سر سٽ لڳائي ويندا
آخر سنڌ بچائي ويندا

دشمن آڏو جهڪڻا ناهن، ڪونڌر ڪنڌ ڪپائي ويندا
آخر سنڌ بچائي ويندا

جوڌا دودا نڪري پوندا، ڪوڙ جا ڪوٽ ڪنبائي ويندا
آخر سنڌ بچائي ويندا

گم ٿي وينديون ڪاريون راتيون، جڳ ۾ جوت جلائي ويندا
آخر سنڌ بچائي ويندا


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>