اعجاز شاهه
ڪافر اکيون محبوب جون رخنا وجهن ايمان ۾،
جلوا ڪري ڪجلين ڪيا، فتنا کڙا جيءِ جان ۾.
دعـوىٰ مسلماني سندي تقوى ڦٽي صنعـان ڪئي،
هندو صفت ظالـم اکين وڌو غلغلو گيـلان ۾.
ليلا جي لـھ لاري لڳي ٿيو قيس مان مجنون ڦري،
اٽڪائي دل عـاشق ويٺو ڪيبر ڪجل جي ڪان ۾.
بانـڪيون ڪٽاريون بان ڇا ڪِرپان خود اکڙيون اهي،
ڪئين جهــڙپ هڪ سان ڪيترا ڪن جهاٽڪا جولان ۾.
لائڻ نڀائڻ نينهڙوآهـي وري تــن جـو عجب،
منصــور سان ڏس ڪيئن ملي مڻڪا ٽوڙيئون ميدان ۾.
تڪ سان هڻن ريءَ تڪ هڻن گُٿيون نڪي ڪڏهين گُسن،
چُستي چالاڪــــــي سان چُٽن گهٽ ڪانه ڪن نيشان ۾.
جيڏانهن وڃان تيڏانهن سـدا سامهون اُهيئي سانوليون،
ڪاشي وڃان ڪعــبي وڃان توڙي وڃان خُمخان ۾.
محبت جي هڪ مــلت سوا ٻيا دين سڀ ٻيائي دُوئي،
اهـڙا نسنگ نعــرا اٿـــن نت نت على الاعلان ۾.
هر پل پهر اعــجاز چئي جن سر اکين جو مامرو،
ڪيئن تــن مُٺن تن اڌ ڪُٺن جو جيءُ لڳي قــران ۾.