امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


19/06/2014

ڪافر اکيون محبوب جون رخنا وجهن ايمان ۾


اعجاز شاهه

ڪافر اکيون محبوب جون رخنا وجهن ايمان ۾،
جلوا ڪري ڪجلين ڪيا، فتنا کڙا جيءِ جان ۾.

دعـوىٰ مسلماني سندي تقوى ڦٽي صنعـان ڪئي،
هندو صفت ظالـم اکين وڌو غلغلو گيـلان ۾.

ليلا جي لـھ لاري لڳي ٿيو قيس مان مجنون ڦري،
اٽڪائي دل عـاشق ويٺو ڪيبر ڪجل جي ڪان ۾.

بانـڪيون ڪٽاريون بان ڇا ڪِرپان خود اکڙيون اهي،
ڪئين جهــڙپ هڪ سان ڪيترا ڪن جهاٽڪا جولان ۾.

لائڻ نڀائڻ نينهڙوآهـي وري تــن جـو عجب،
منصــور سان ڏس ڪيئن ملي مڻڪا ٽوڙيئون ميدان ۾.

تڪ سان هڻن ريءَ تڪ هڻن گُٿيون نڪي ڪڏهين گُسن،
چُستي چالاڪــــــي سان چُٽن گهٽ ڪانه ڪن نيشان ۾.

جيڏانهن وڃان تيڏانهن سـدا سامهون اُهيئي سانوليون،
ڪاشي وڃان ڪعــبي وڃان توڙي وڃان خُمخان ۾.

محبت جي هڪ مــلت سوا ٻيا دين سڀ ٻيائي دُوئي،
اهـڙا نسنگ نعــرا اٿـــن نت نت على الاعلان ۾.

هر پل پهر اعــجاز چئي جن سر اکين جو مامرو،
ڪيئن تــن مُٺن تن اڌ ڪُٺن جو جيءُ لڳي قــران ۾.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>