امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


17/06/2016

مئڪدي جي ماٽَ ٿيندو ٿو وڃي

غزل

روبينه ابڙو

مئڪدي جي ماٽَ ٿيندو ٿو وڃي.
شور ۾ سُڙٻاٽَ ٿيندو ٿو وڃي.

عاشقيءَ جو ٿو پتو پئي دير سان،
عشق پر اڳواٽَ ٿيندو ٿو وڃي.

مان ترارن جي تکي تاريخ هان،
هُو به ڄڻ چمڪاٽَ ٿيندو ٿو وڃي.

مان سڙان ٿي ڌرتتيءَ جو ڌوڙ جان،
هو ڇمر جي ڇاٽَ ٿيندو ٿو وڃي.

هر ڏسا جنهن جو اجالو هو ڏٺو،
اڄ اهو ئي ٻاٽَ ٿيندو ٿو وڃي.

ساڌٻيلي جي ستارن سان سجيل،
جهلملايل واٽَ ٿيندو ٿو وڃي.

ڪيترو ننڍڙو هيو جگنو مگر،
روشنيءَ جي لاٽَ ٿيندو ٿو وڃي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

14/06/2015

مون ۾ مند لٿي هئي رات انڌاريءَ ۾

غزل

روبينه ابڙو

مون ۾ مند لٿي هئي رات انڌاريءَ ۾،
سهسين گل ٽڙي پيا منهنجي ٽاريءَ ۾.

آرائينءَ جي ساروڻين تي سوچيندي
مالهڻ جا سڀ گل سُڪي ويا کاريءَ ۾.

ٻُوڙي ۾ ها ماڪ ڦُڙا هن جي مُک تي،
رنگ سوين ڄڻ جرڪي پيا ها ڪاريءَ ۾.

جوت اکين ۾ جرڪِي جگنو جاڳي پيا،
ٻارن چنڊ ڏٺو ٿي رات تغاريءَ ۾.

عشق جو سارو تاڪيو ٿي ويو بي ڪارج،
تنهنجي بي ڌيانيءَ جي هڪڙي گهاريءَ ۾.

پيار سدائين دوکي جي آ دار چڙهيو،
ٻاجهارو مون روپ ڏٺو هو ماريءَ ۾.

نينهن جي مينهن ڀِڄائي آ هيءَ ڀونءِ وري.
ڦول ڦٽي پيا اوسيئڙي جي ٻاريءَ ۾.




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

27/05/2014

سراپا رقص ۾ آهيان!



سراپا رقص ۾ آهيان!

روبينه ابڙو

مليو جو رقص جو موقعو
سڄو عالم نچايو آ
سڄي تاريخ جهومائِي
سڄي تهذيب جهومائِي
ڀِٽن جا ڀاڳ ڀي جهوميا
۽ ڪارونجهر جي قصن مان
نوان سڙٻاٽ ڀي جهوميا
نچِي پيو کيرٿر سارو
مٿي هوءَ کير- ڌارا ڀي
ستارن جا ٻَڌي گهنگهرو
سراپا رقص ۾ اڀرِي
چٽو هُو چنڊ جهومِي پيو
ڪٿڪ ڪَتِين به ڏيکارِي
ٽڙي پيا رقص ۾ ٽيڙو
سڄو اڀ جهومندي ڀاسيو
لڳو، درويش آ ڄڻ ڪو!
ڪري پيو رقص ِ درويشان
سڄو سنسار جهومائي
وريس ڪڪرن جي رَٿَ تي مان
سبق روميءَ جو سيکاريو
ڪري سو عام ڏيکاريو
ٻَڌو ٽئگور جو ڌاڳو
ٽليون مندرن ۾ جاڳي پيون
وڄايا گهنڊ گرجائن
ڏڪيون فرسوده دهليزون
سراپا شور ڀڙڪي پيو
اجايو گوڙ ڀڙڪي پيو
سنڌوءَ تي رقص ڪرڻن جو
ڏسي رسم و رواجن جا
ڀڳا مون بت هن سارا
وٿي مون وقت جي ڊاٿي
۽ ماضي، حال کي ميڙي
سهيڙي خيال ڏيکاريا
اٿي پئِي ناچڻي مون سان
کنيان جنهن پير جهومڻ لئه
ٻَڌي مون ڇير جهومڻ لئه
ڏٺو هو ساٿ ۾ پنهنجي
ته ميران موج ۾ آهي
۽ سنڌ، هند اوج ۾ آهي
ها چوريا پير جيئن شيما
ته خسروءَ کوڙيا خيما
نوان سازن ڄڻيا سرگم
سهائيءَ تال تي اڇلِي
هوا ۾ هٿ لهرايا
گهٽائن ڀيروي ڳاتي
ڏٺا مون ناز نگهت جا
عجب انداز نگهت جا
لهندڙ سج جي پويان
اکيون مهٽي، ڀڃي آرس
اٿي خانم گگوش آهي
ٿڙيا سڀ رقص لئه منظر
نغارن کي نه هوش آهي
تڏهن مون هيءُ ڄاتو آ
ته سُر سان تال سان منهنجو
پڪو پختو ڪو ناتو آ
وڄي ٿي ڇير جي ڇم ڇم
سمبارا ۾ ڪڏهن مون ۾
مان ازلان رقص ۾ آهيان
مان ابدان رقص ۾ هوندس
اڙي او بخت جا ويري
اڙي او رقص جا ويري
ڪڏهن توکي نه جي پرتيون
انهن خوشين جو عڪس آهيان
سندم مسلڪ آ وجداني
مان خود ۾ خود ئي رقص آهيان
مون جهومڻ مان جنم ورتو
سراپا رقص ۾ آهيان!
نچڻ مون ۾ سمايو آ
مليو جو رقص جو موقعو
سڄو عالم نچايو آ
سڄو عالم نچايو آ.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

13/02/2014

ڇاڇا راز هئا! واهيري جي واٽ ۾

وائي

روبينه ابڙو

ڇاڇا راز هئا!
واهيري جي واٽ ۾.

ڳِجهن ٿي لاماريو،
ڪيڏا باز هئا!
واهيري جي واٽ ۾.

واڪا ڪيڏا واءُ ۾،
سَر سَر ساز هئا!
واهيري جي واٽ ۾.

ڪونجن ٿي ڪرلائيو،
هنج همراز هئا،
واهيري جي واٽ ۾.

ٻَھه ٻَھه ٽانڊاڻو ٻَريو،
وک وک ناز هئا!
واهيري جي واٽ ۾.

پوئياڙيءَ پاڇا،
ڄڻ آغاز هئا!
واهيري جي واٽ ۾.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/09/2013

دراوڙ ڌيءُ ڌرتيءَ جي

آزاد نظم
(روبينه ابڙو)

”دراوڙ ڌيءُ ڌرتيءَ جي“

الئه ڇو ڇاڇري جو چنڊ
ٿيو اڄ سرنِگون آهي
ستارا سوڳ ۾ آهن
هوا بڻجي رُدالي ٿي سَٽي سينا ڀِٽن جا ۽
افق ڄڻ ماتمي پِڙُ آ
وري اڄ ڇاڇري جي ڌرتتي
ويئي ڌُڏي آهي
بڻي ساري سڀيتا سنڌ جي
اڄ سينڌ ميري آ
وري “ڦاپي” ۽ “آميءَ” جي
اُها رُوداد ورجائي
ڇڏيا بَکيا اُڊيڙي ڪنهن
سڄي تاريخ جا آهن
وري ڪنهن چيخ جا آهن
پڙاڏا عرش تي پهتا
جهڪايو ڪنڌ ڪارونجهر
سڄو ٿر ٿَرٿِلي آهي
ڊنا ڄڻ مور هن سارا
۽ ڊيلون هِيسيل آهن
پکي سڀ الجهيل آهن
۽ ٻاٻيهن وساريا ٻول هن پنهنجا
ڪَنڊين ۾ سوال سڱرين جان
پيا کڙڪن
پيون ڌڙڪن
دليون تترن ۽ هرڻين جون
سمورن منظرن جون اڄ
اکيون حيران آهن ۽
ٻڌائن وارتا دک جي
دراوڙ ڌيءُ ڌرتيءَ جي
لُٽي وئي آبرو جنهن جي
اتي ئي ڇاڇري ۾ آ
نه ڪو ئي عرب آيو ۽
نه ڪو خلجي نه تاتاري
هيا سي ڌِڱَ ڌرتيءَ جا
چنيسر جيئن هنيائون ڪانُ مٽيءَ کي
ڏسو هُو ڀالوا چِيخِي
رڙِي دانهين چوي ٿو ڪجھ
لڳي ٿو اڄّ ئي ڄڻ مارئيءَ جي
لڄّ ڪنهن لوئي.....

(موتان واري واقعي جي پسمنظر ۾ لکيل)

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

دوستيءَ ۽ عاشقيءَ جي ساک ڪهڙي ٿي سگهي ٿي...



آزاد نظم
ساک

(روبينه ابڙو)

ڪا جنم جي بيقراري 
رت جيئن ڊوڙي رڳن ۾
ڄڻ پهاڙي ڪنهن نديءَ جان
روح ۾ لهندي وڃي ٿي
سار جي سڀ ٿوهرن تي
ڪيترا چهرا ڦٽا هن
آرسي ماضيءَ جيءَ ۾
نقش سي اڄ ڀي چٽا هن
۽ ٻَٻُر جي ٻُور وانگر
درد ڄڻ ڇڻندا رهن ٿا
مون مٿان ڪرندا رهن ٿا
ٿيون هوائون جهول ميڙي
وقت جي سوڙهي گهٽيءَ ۾
ڪيترو هوريان هلن پر
دائرن ۾ داستان ڦرندا رهن ٿا
لفظ سڀ لڏندا رهن ٿا
دوستيءَ جو دنگ هو جنهن جاءِ تي
ان کان به اڳتي
ساھ کي ويساھ هو
ڇا عجب اتساھ هو
پڪ جو ڄڻ ريشمي رومال هو
جنهن مٿان مون ڪيترا
ٽاڪيا ستارا ڀرم جا
دوستيءَ جو چنڊ پر الهي ويو
جا ٿڌيري هير هئي ويساھ جي
سا بند ٿي
لُڪ ڪا ويساھ گهاتيءَ جي لڳي
اڄ به مان پيئي جلان تنهن تاءَ ۾
پڄران پئي
ساريان پئي سي حسرتون سي آٿتون
جن جون ڪٿائون ڪيتريون ڦهليل هيون پر
اوچتو ٻهروپ جان هر دوستيءَ پاسو مٽيو
چهرا وڏا
روشن تصور 
پر انهن جا خيال ڪيڏا هلڪڙا ۽
ساٿ ڪيڏا مختصر ها....
دوستيءَ جو باب هو سو بند ٿيو
ها اڃان تنهن کان به اڳتي
عاشقيءَ جون هون هزارين بارشون
مون مٿان وسنديون رهيون
پاڻ ۾ مان جيتري پن ڇڻ هيس
اوتري سرسبز ٿي پيس
منهنجي ٻانهن جا سمورا هار ها مهڪي پيا
خواهشن جا ڄڻ ڪبوتر
مون اندر اڏري پيا
۽ اچانڪ وقت جي ڪنهن موڙ تي
وصل جي سڀ خواهشن تي
هجر جو پارو پيو
اوچتو ئي شام ٿي وئي
عاشقيءَ جو باب هو سو بند ٿيو
اڄ وري منهنجي رڳن ۾
ڪا نئين آ بيقراري
جا نئين جهرڻي جيان
ڪا راھ نئين ڳولي پئي
آرسي ميريءَ کي
ڌوئڻ لڳو آ پيار ڪو
سنسار ڪو جڙندي ڏسان ٿي
دوستيءَ ۽ عاشقيءَ جا
ڪي نوان رشتا پسان ٿي
هڪ نئين برسات آ جا
مون مٿان چاهي وسڻ
منهنجو هردو
وارياسي رڻ جيان تاسو اڃيو
مان پُسڻ ٿي چاهيان
منهنجي سوچن جي سمرڻي
ڪيتري وکري وئي آ
پاڻ ميڙڻ ٿي گهران
پر سوچيان ٿي
دوستيءَ ۽ عاشقيءَ جي
ساک ڪهڙي ٿي سگهي ٿي...


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اها تُلسي وئي ڪاڏي، اڱڻ ۾ چنڊ ڳولي ٿو

غزل

روبينه ابڙو

سريکو سنگ ڳولي ٿو.
وري ڪو پاڻُ رولي ٿو.

اندر جو هيکلو صوفي،
نوان اسرار کولي ٿو.

اها تُلسي وئي ڪاڏي،
اڱڻ ۾ چنڊ ڳولي ٿو.

الئه ڪهڙو سَجي هُن کي،
سمورا ڦول ڦولي ٿو.

ڪُڇيو بس ڪِين تو جانان،
سمورو شهر ٻولي ٿو.

ڏسو تارا پيا تڙڳن،
گگن ۾ سمنڊ ڇولي ٿو.

نگاهن سان ڪو نيرولي،
نشيلا رنگ گهولي ٿو.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

18/06/2013

موسم کي ڀي آهي مَستي، اکڙين کي ڀي آرو ڪوئي.


غزل

روبينه ابڙو

لونءَ لونءَ ۾ يڪتارو ڪوئي،
ويجهو ٿيو وڻجارو ڪوئي.

مان ڀي آهيان ساري ڪنهنجي،
منهنجو ڀي آ سارو ڪوئي.

دل جي آڳر منجھ ڌمالون،
ڍَم ڍَم نينهن نغارو ڪوئي.

گهاٽ گهاٽ تي گهاگهر ڇُلڪي،
ايندو نيٺ اُڃارو ڪوئي.

موسم کي ڀي آهي مَستي،
اکڙين کي ڀي آرو ڪوئي.

ڇا لئه اُڀريو اُڀ ٻئي تي؟
منهنجي ڀاڳَ جو تارو ڪوئي.

ويسُ مجازي پهري لوڪو،
آيو آ دل وارو ڪوئي.

منهنجا نيڻ به ڪارا ڪَجلا،
ڪجلا سَر ڀي ڪارو ڪوئي.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

08/06/2013

۽ ڪڏهن هيءَ سنڌ ساري آھِ مون ۾.


غزل

روبينه ابڙو

ڪا ازل جي پاڻياري آھِ مون ۾،
ڇو اُڃاري پو به وارِي آھِ مون ۾؟

مان ته ماضيءَ جي اُجاڙيل ڍنڍ آهيان،
ڪنهن وري هِي ناوَ تاري آھِ مون ۾.

امن جا اُجرا ڪبوتر نيڻ منهنجا،
پر اندر ڪا جنگ جاري آھِ مون ۾.

هر گهڙي ٿي سار تُنهنجي پئي پِگهاري،
هر گهڙي ڪا برف باري آھِ مون ۾.

دل اڃان ڀي گهاٽ تي تُڙڳي رهي آ،
موج ۾ ڪائي ڪَماري آھِ مون ۾.

گُونج ڀي تو ئي ڪئي هئي قيد منهنجي،
ڪُونج ڀي تو ئي اُڏاري آھِ مون ۾.

تار ڪا وڄندي رهي ٿي تَنَ اندر ۾،
راتِ ڪا مِيران گُذارِي آھِ مون ۾.

مان بظاهر خوش رهڻ جو ڏيک ڏيان ڀل،
پر ڳُجهي ڪا بيقراري آھِ مون ۾.

مون ۾ ٻيجل، مون ۾ ئي آ ڏياچ ڪو،
ڪنڌ ڪورڻ لئه ڪٽاري آھِ مون ۾.

لاڙڪاڻو ڀي ڪڏهن من ۾ نه ماپي،
۽ ڪڏهن هيءَ سنڌ ساري آھِ مون ۾.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

21/04/2013

اي مُنصفو ! اي مُصنفو !هِن دور جي تاريخ لکو




روبينه ابڙو

هي ديس ۾ خانه جنگي
۽ خانه جنگي کان ڀي وڏي
هي فِرقه واريت کي هَٿي
هرڪو جنوني مذهبي
ايمان جي بي راھِ روي
اي مُنصفو ! اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو

هي زلزلا ، ٻوڏون قهر
۽ قهر کان ڀي وڏي
اخبار جي آهي خبر
هي شام ، صبح هر پَـهر
ٿيو ڪربلا جو آ سفر
اي مُنصفو ! اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو

هي رهبريءَ کان رهزني
۽ رهزنيءَ کان ڀي وڏي
وچ چوڪ تي عصمت دري
قانون جي هيء آرسي
انصاف جي سينه زني
اي مُنصفو ! اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو

هي ” بربريت “ جي هَٽي
۽ هَٽيءَ کان ڀي وڏي
هي موت ڏي ويندڙ گهٽي
هر سينڌ ۾ آهي مٽي
ماتم ڪدو “ ٿي سنڌ پئي
اي مُنصفو ! اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو

هيءَ ” سياست “ جي ٺڳي
۽ ٺڳيءَ کان ڀي وڏي
لسٽ شهداء جي ڊگهي
هي قوم جي لاوارثي
ڪُوڙي مسيحائي رُڳي
اي مُنصفو ! اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو


فاَقه ڪشي کان خودڪشي
۽ خودڪشيءَ کان ڀي وڏي
تذليل جي منظرڪشي
مصنوئيت جي دل ڪشي
هي قلم جي رسه ڪشي
اي مُنصفو ! اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو

غربت ، غريبي ، مُفلسي
۽ مُفلسيءَ کان ڀي وڏي
هيءَ آدمي جي بيحسي
فوٽ پاٿ جهڙي زندگي
آ موت جي ڀر ۾ سُتي
اي مُنصفو ! اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو

هي ڪارو ڪاريءَ “ جي رسم
۽ رسم کان ڀي وڏي
غيرت جي بدلي جي رقم
عزت جو هي ڪوڙو ڀرم
آ ، ڪُڙم ڪهڙي جو ڌرم ؟
اي مُنصفو ! اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو

ٿي عيد ، عاشورن مثل
۽ عاشورن کان ڀي وڏي
انياءَ جي ٻيگهي مَتل
هو ” امن “ جو مڻڪو ڀڳل
ٿيو سونُ ڀي آهي پِتل
اي مُنصفو ! اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو


هي ڪوڙ ۽ ڪوڙا قدر
ڪوڙي قدر کان ڀي وڏي
هي اجتمائي آ ، قبر
ترياق ۾ وِھ جو اثر
۽ بي ضميريءَ تي فخر
اي مُنصفو ! اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تون سين تي سين نه هڻ جوڳي

غزل

روبينه ابڙو

تون سين تي سين نه هڻ جوڳي
هيئن منهنجو چين نه کڻ جوڳي

ڇا لاء تون راهه نهارين ٿو
اڄ ٿيندو ڪين اچڻ جوڳي

ڄڻ گُلَ تي تازا ماڪَ ڦڙا
اهڙو تنهنجو مُرڪڻ جوڳي

ڇو مونکان وسري ڪين سگهيو
تنهنجو خاموش ڏسڻ جوڳي

ڪلھَ رستا ڌارونء ڌارَ ٿيا
اڄ ٻيهر ايئن نه وڻ جوڳي

تولاء تڪيندم راهه سدا
ڀل وسرين هيلَ ورڻ جوڳي

ڪيئن توکان آخر وسري وئي
منهنجي پازيب وڄڻ جوڳي

ڇا ڇا نه اچي ويو ياد وري
جو گُهليو ڪالهه ڏکڻ جوڳي

ڇا منهنجو موهه نه ٿو سمجهين
ايڏو اڻڄاڻ نه بڻ جوڳي

منهنجي نه سهي منَ جي ئي سُڻ
ايئن پٿر ٿي نه پهڻ جوڳي

اچ سنڌڙيء جي ڪا سونهنَ ٿيون
ڇڏ دنيا جو ٽمجهڻ جوڳي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>