امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


23/10/2016

او موذن! ٿوروآهستي

موذن!

آسي زميني

او موذن! ٿوروآهستي
هن مسجد جي ڀر پاسي ۾
ڪنهن پورهيت جا ڪي پيٽ بکيا
مس هاڻي آهن ٻار ستا
او موذن! ٿوروآهستي
ڏس ٻار متان ڪو پئي جاڳي
۽ پنهنجي ٺريل چلهه ڏسي
ڪنهن جيجل جو پئي جيءُ جهري
او موذن! ٿوروآهستي
ڏس دور ڪٿي ڪنهن مل منجهان
آواز اچي پيو ٿو گهنڊ جو
۽ دونهن ڀري چمني جو
پيو مونکي پنهنجي طرف ڇڪي
او موذن! ٿوروآهستي
هي گهنڊ مقدس آ مون لئه
جو منهنجي بک مٽائي ٿو
۽ پنهنجي چله جي ٻارڻ لئه
مان چڻنگ وٺان ٿو چمنيء کان
تون پاليل من سلوا جو
هي ڳالهه ڪٿي ٿو تون سمجهين
آنڊن جي هن شوروغل ۾
آواز آذان آ بي معنيٰ.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

09/10/2015

توکي ڳولهيان پولارن ۾، ۽ ڌرتيءَ جي پاتارن ۾

توکي ڳولهيان پولارن ۾

آسي زميني

توکي ڳولهيان پولارن ۾، ۽ ڌرتيءَ جي پاتارن ۾.

مون وٽ اڪثر اينديون آهن، تنهنجون يادون اوجاڳن ۾.

پن ڇڻ رت جي پتن وانگر، سپنا ميڙيان ٿو دامن ۾.

ڪوئي سندر سپنو بڻجي، ڪاش لهان تنهنجي نيڻن ۾.

ماڻهو خود کي ڳولهڻ نڪتا، چڙيا گهر جي بند پڃرن ۾.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

08/10/2015

ڪو به ڪنهن جو ڪونه آ..!

غزل

آسي زميني

ڪو به ڪنهن جو ڪونه آ..!
هيءُ نه پڇان ڇو نه آ..؟

جو به آ هينئر هتي،
ويل هيءَ آ، پو نه آ..!

پوئتي واپس ورڻ،
وقت جو شيوو نه آ..!

روح، شهزادو، ضدي،
ويو ته واپس ٿيو نه آ،

وقت، نڪتل تير آ،
جو ڇٽو، موٽيو نه آ..!

عرش تي سُڏڪو پڳو،
فرش تي ڄڻ ڪو نه آ..!

آدميت سان گڏ،
آدمي اهڙو نه آ...!

فاتحِ سنڌ جئن مئو،
ان طرح ڪو مئو نه آ.!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

زندگيءَ کي خود ڀوڳيون پيا

غزل

آسي زميني

زندگيءَ کي خود ڀوڳيون پيا
ڏوھ ڪھڙي جي سزا ڀوڳيون پيا

زندگي ماڻڻ لاءِ ھوندي آ ٻڌو
پاڻ ڇو تنھن کي ڀلا ڀوڳيون پيا

بس فقط ھڪڙو ڀرم ھو دوستي
تنھن جا پڻ ٽڪرا ٿيا ڀوڳيون پيا

ويو ڀُري ويساھ رشتن جو مگر
گھاوء جي پيڙا اڃان ڀوڳيون پيا

شخص ھڪڙو آ جو وسري نٿو
ھا ، ڀلائي جا سلا ڀوڳيون پيا

يار! تنھنجي ڪنھن جفا جو ناھ ڏک
پاڻ پنھنجيءَ وفا ڀوڳيون پيا

ڏوھ ان ۾ ٻئي ڪنھن جو ڪين آ
پنھنجي ڪرڻيءَ جي بَھا ڀوڳيون پيا

پاڻ ڪٿي ” آسي“ خُدائي ھُئي گھري
ٻُڪ ۾ زخم اي دُعا ڀوڳيون پيا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

28/03/2013

اي خدا تون هيٺ لهي آ ، آئو گھڙي کن هيٺ لهي آ



اي خدا تون هيٺ لهي آ

آسي زميني

آئو گھڙي کن هيٺ لهي آ ، پنهنجو جوڙيل ڏيهه ڏسي وڃ
مون کان هڪڙي ڳالهه پڇي وڃ، منهنجي هڪڙي ڳاله ٻڌي وڃ
اي خدا تون هيٺ لهي آ ، آئو گھڙي کن هيٺ لهي آ

هڪڙا ماڻهو ننڍڙا ماڻهو، هڪڙا ماڻهو وڏڙا ماڻهو
ڪهڙا ماڻهو تنهنجا ماڻهو ، پنهنجن تي نشان هڻي وڃ
مون کان هڪڙي ڳالهه پڇي وڃ، منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي وڃ
اي خدا تون هيٺ لهي آ ، آئو گھڙي کن هيٺ لهي آ

پيرين اگھاڙو پيٽ بکايل، نٽهڻ اُس ۾ هر هلائي
ڪاري ڳڙ سين سُڪل ڀورا تون به هڪڙو ويلو چکي وڃ
مون کان هڪڙي ڳالهه پڇي وڃ، منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي وڃ
اي خدا تون هيٺ لهي آ ، آئو گھڙي کن هيٺ لهي آ

پيرين اگھاڙي ڇنل چولو، روئيندڙ روئيندڙ ڪنهن جي ڄائي
ڌارين آڏو جھول جھلي ٿي پنهنجيءَ کي خيرات ڏيئي وڃ
مون کان هڪڙي ڳالهه پڇي وڃ، منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي وڃ
اي خدا تون هيٺ لهي آ ، آئو گھڙي کن هيٺ لهي آ

آسيءَ کي جا ڏات ڏني تو، سا ئي لُڇي ٿي سا ئي پُڇي ٿي
پوء ڇو ڪافر دَهريو سڏجان مون کان پنهنجي ڏات کسي وڃ
مون کان هڪڙي ڳالهه پڇي وڃ، منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي وڃ
اي خدا تون هيٺ لهي آ ، آئو گھڙي کن هيٺ لهي آ



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>