امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


31/05/2016

خوف ڀلجي آجپي سان پيار ڪر

غزل

ايوب کوسو

خوف ڀلجي آجپي سان پيار ڪر،
ڇڏ اداسي حوصلي سان پيار ڪر.

سنڌ چاهي ٿي گلابي عاشقي،
تون بلاول روپلي سان پيار ڪر.

چنڊ ناهي ڇا ٿيو اي دل چري،
هاڻِ پنهنجي سوجهري سان پيار ڪر.

ڇڏ شرابن جي خمارن جي ثنا،
سانورائي جي نشي سان پيار ڪر.

ڇو ثقافت کي وساري ٿو ڇڏين،
گهاگري اجرڪ گهگهي سان پيار ڪر.

تنهنجي نيڻن ۾ رهي تاريخ آ،
تون وڃايل ماڻھپي سان پيار ڪر.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

01/04/2016

سدائين رکي ٿئون هي ڇاتي وڏي


غزل

ايوب کوسو

سدائين رکي ٿئون هي ڇاتي وڏي
ڀلي آزمائي ڪو ڪاتي وڏي ..!

دريائن جي ويجهو رهياسين اڃايل
ڪئي وقت ويساهه گهاتي وڏي.!

اڃان هوءَ اندر جر شهر ۾ رهي ٿي
اڃان هن لئه دل آهي آتي وڏي.!

اُها آ اسان جي اُميدن جي خوشبو
وري جنهن سڳي آهي پاتي وڏي

پرين زرد موسم نهوڙي ڇڏيندي
ائين دير جيڪر تو لاتي وڏي.!

وڇوڙن کي آخر سنڀالي به وٺبو
رهي پيار جي شل حياتي وڏي.!


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

19/02/2016

ٽڙڻ ۽ ڇڻڻ جي گمانن ۾ گھاريو


غزل

ايوب کوسو

ٽڙڻ ۽ ڇڻڻ جي گمانن ۾ گھاريو
اسان وحشتن جي زمانن ۾ گھاريو

ٻري جيئن ڪو ڏيئو اڪيلو مندر ۾
ائين ئي اسان قيد خانن ۾ گهاريو

اُھي ڇا ته سمجھي عذابن کي سگھندا
جنين وار ڇوڙي مڪانن ۾ گھاريو

کڄيون آڱريون ۽ اکيون هن عجب مان
اسان هر قدم تي نشانن ۾ گهاريو

هجي ڪائي هڪڙي ڪهاڻي ٻڌايون 
اکين سوڳ جي آ جهانن ۾ گهاريو


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

23/12/2015

ڊسمبر تو بنا اهڙو


نظم

ايوب کوسو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
وفا جا ورق اُڏرن ٿا
ڪٿا جا فرق اُلرن ٿا
اڌوريءَ عاشقيءَ جهڙو
ڊسمبر تو بنا ڪهڙو
ڊسمبر تو بنا ڪهڙو
هُجي ڄڻ ٻار جو لاشو
وڇوڙيل ڪونج لئه ڪاڇو
اڪن تي رات اونداهي
گٽر ۾ چنڊ جو پاڇو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
گگهي جي گهير جو سُڏو
اُگهاڙي پير جو سُڏڪو
دريا جي سُوڪ جو منظر
اڪيليءَ ٻير جو سُڏڪو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
سفر جي راهه ۾ رِڻ پٽ
پُسيل برسات ۾ ڪونڀٽ
سِتارو آخري اُڀ جو
هٿن ۾ ٻار جي پوپٽ
قبر تي چاندنيءَ جهڙو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

30/11/2015

ضروري ته ناهي ضروري ته ناهي،


ايوب کوسو

ضروري ته ناهي ضروري ته ناهي،
جو وڇڙڻ لئه ڪو بهانو به گهرجي!
وسارڻ لئه ڪوئي فسانو به گهڙجي!
ضروري ته ناهي جو سانجهيءَ جي ويلي،
ڪنهن ڏيئي جي ويجهو اداسيءَ ۾ ويهي،
پَني جي چپن تي هِي لکجي ته جانان،
ها توکان سواءِ اڌورو مان آهيان!
۽ لکجي ته مونکي ڀنل شام ٽاڻي،
گهڻو ياد ايندي، ها ايندي تون آهين!
ضروري ته ناهي جو ساحل تي وڇڙي،
وري ڪنهنجي پيرن جي خوشبوءَ جو پُڇجي!
۽ آڌي جو تنها ٿي رستن تي رُلجي!
ضروري ته ناهي ضروري ته ناهي!
جو دل جي شهر جي سڄي هيڪلائي،
ستارن جي دل کي ٻڌائي به ڇڏجي!
ضروري ته ناهي جو پاڳل هوا کان،
کِلي ڪنهن جي زلفن جا احوال وٺجن!
ٿُڪي پنهنجي رَت کي رڳو خواب اُڻجن،
کڻي يادگيرن جا خيما اُڌارا،
ٿڌين موسمن ۾ ٿڌا ساهه کَڻجن!
ضروري ته ناهي ضروري ته ناهي!
جو وڻجاري قدمن جي ڪنولن تي سوچي،
گلابن جو پتيون هٿن ساڻ ميڙي،
ٻه ٽي لُڙڪ هاري ڪتابن ۾ رکجن،
ڊگها درد مَن جي اکين ساڻ ٻکجن!
۽ الڪن جي ڪاري ايامن جي بَرَ ۾،
رڳو نيڻ اُگهجن، رڳو لفظ گُهٽجن،
او ڍوليا او جانم! ضروري ته ناهي،
جو ماڻهو اجايو پٿر تي نسورو،
کڻي خاص موسم جي آرن ۾ وڇڙي،
۽ وڇڙڻ لئه ڪوئي بهانو به گهڙجي،
گهڻي دير تائين ٿِي سگريٽ سَڙجي،
او دلبر پيارا ضروري ته ناهي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

30/09/2015

ڪا رات وڃائي راهن ۾، ڪو ڏينهن کٽائي رستن تي


نظم

ايوب کوسو

ڪا رات وڃائي راهن ۾
ڪو ڏينهن کٽائي رستن تي
بي فيض اڃايل موٽياسين
سڀ خواب لٽائي رستن تي
دورين جا جنازا هڪ پاسي
۽ ياد جا ڪاوا ٻي پاسي
احساس اندر ۾ اجڙي ويا
خود دل نه رهي پنهنجي پاسي
هر آس ٽٽي بي منزل ٿي
هو من جي مٽي ٿي نه سگهي
ويو پيار سمورو صحرا ٿي
هوءَ تن جي گهٽي ٿي نه سگهي
جيئن اجرو چمڪو ڦلڙي جو
تيئن ياد هي آ دل ڪا
ويراني وسي ٿي نيڻن ۾
هر موسم پنهنجي پن ڇڻ ڪا
بي ڀرم اجهاميل شامون هن
هر سينو سج ۾ ڦاٿو آ
ڇا ڏسجي دل جي موسم ڪا
ڏک جو هيل نه ڪاٿو آ




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

19/10/2014

ستارا پکيڙي سنجها ٿي وڃي ٿي



غزل

ايوب کوسو

ستارا پکيڙي سنجها ٿي وڃي ٿي
سموري خدائي صدا ٿي وڃي ٿي

ذهن يادگيرين جي رڻ ۾ رلي ٿو
سڄي رات اڪثر سزا ٿي وڃي ٿي

نئين موسمن ۾ نياپا اچن ٿا
اکين جي عبادت ادا ٿي وڃي ٿي

سڄو پيار هُن جو نظر ۾ گهمي ٿو
سکي آرسي جان صفا ٿي وڃي ٿي

اکين سان گلابي اکيون هي ملن ٿيون
محبت اُٺي جي هوا ٿي وڃي ٿي

حياتي ستارن جو سڏڪو لڳي ٿي
جڏهن دلربا بي وفا ٿي وڃي ٿي

اسان لاءِ جدائي جي موسم پرين
موهن جي دڙي جي ڪٿا ٿي وڃي ٿي



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/08/2013

تو سان ملڻ گهريو سين، ته بارشون وڌي ويون


شاعري : ايوب کوسو

تنها رهڻ گهريو سين، ته آفتون وڌي ويون.
تو سان ملڻ گهريو سين، ته بارشون وڌي ويون.

منڪر اجاڙ موسم، تازا عذاب اندا،
ڪو پل نه هيل مهڪيو، اڌما وريا هيڪاندا،
ڇرڪي ڇڻڻ گهريو سين ته ساعتون ٻري ويون.
مرڪي ٽڙڻ گهريوسين ته بارشون وڌي ويون.

ڪو خواب سرد پنهنجو پيرن جي هيٺ آيو،
ڪو گيت زرد پنهنجو گهيرن جي هيٺ آيو،
چهرو ڏسڻ گهريو سين ته آرسيون ٽٽي ويون
ڳوڙهو اگهڻ گهريو سين ته بارشون وڌي ويون

ڪنهن شام جي ٻني تي، ڪنهن سانجھ جي ڇني تي،
ڦرندي رهي جدائي دل جي پني پني تي،
سڏڪو لکڻ گهريوسين ته آڱريون ٺري ويون
خود جي ٻرڻ گهريو سين ته بارشون وڌي ويون

تو نيٺ ننڊ پوکي پنهنجي اکين ۾ جانان
ڀٽڪي اسان ڀلياسين ڪيڏا گھٽين ۾ جانان
دريا ٿيڻ گهريوسين ته چاندنيون کڄي ويون
صحرا وڃڻ گهريوسين ته بارشون وڌي ويون.

ميڙا اتي ڇڏياسين، ڀيڙا نه ها جتي ڪي،
ڇيڙا اتي ڇڏياسين ٻيڙا نه ها جتي ڪي،
تنهنجو پڇڻ گهريو سين ته عاشقيون کري ويون
پيرو کڻڻ گهريو سين ته بارشون وڌي ويون


ايوب کوسي جي ڪتاب ”نگاهون نيرا گل” تان ورتل
چونڊ : منظور قريشي
__



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

29/07/2013

ڇوڪري جو چوان يا نديءَ جو بدن



غزل

ايوب کوسو

ڇوڪري جو چوان يا نديءَ جو بدن
ھوءَ ته آھي سڄو روشنيءَ جو بدن

ھوءَ ته آھي گلابي ڪليءَ وانگيان
ھن جي چھري ۾ آ چاندنيءَ جو بدن

ھن رکي سامھون نيڻ پنھنجا ڏٺا
مھنڪندو آ رھيو آرسيءَ جو بدن


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

09/07/2013

پسيل شام جي هر اشاري ڪُٺو آ


غزل

ايوب کوسو

پسيل شام جي هر اشاري ڪُٺو آ،
چُني ڪنهن هوا ۾ اڏاري ڪُٺو آ.

وري پاڻ اُلجھي ٻڏاسين اکين ۾ ،
وري عشق ڪنهنجي ڪنواري ڪُٺو آ.

ڇڻياسين ، ٻرياسين ،اويلا ،اڪيلا،
سوا تو ستمگر سياري ڪُٺو آ.

اچي ياد و يئي گلابي چپن جي،
اُفق رنگ لالاڻ هاري ڪُٺو آ.

نه ٻيڙي ، نه جوڙا ، نه پاڻيءَ ڦُڙو ڪو،
اکين کي سنڌوءَ جي ڪيڏاري ڪُٺو آ.

ٻُڏي ويو مِٺي ننڊ ۾ ڳوٺ سارو،
اسانکي کِلي تاري تاري ڪُٺو آ . 



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/03/2013

جڏهن وڳر جون اُڏارون آيون، لڳم اوهان جون نِهارون آيون



غزل

ايوب کوسو
 

جڏهن وڳر جون اُڏارون آيون،
لڳم اوهان جون نِهارون آيون.

خزان جي رُت ۾ سڙيون هي ڪليون،
الئجي ڪاٿي بهارون آيون.

وفا جي موسم غمن ۾ گذري،
اکين ۾ ڳوڙهن قطارون آيون.

اوهان لِڪي ويا دردن جي پويان،
اسان جي آڏو ديوارون آيون.

پڙهي ڏٺاسين هوا جا هٿڙا،
اسان لئه اڪثر ميارون آيون.

لُڏيون به يادون اُڏيون به سوچون،
نه ڄاڻان ڪنهن جون پُڪارون آيون!

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/02/2013

هوش نه ٿو هت ڪير سنڀالي, هُن کي چئجو ڇير سنڀالي



غزل

ايوب کوسو

هوش نه ٿو هت ڪير سنڀالي
هُن کي چئجو ڇير سنڀالي

هُن کي چئجو پن ڇڻ آهي
خود کي هيل سوير سنڀالي

ڪنهن جي جرئت هُن جي سامهون
نيڻ جھلي يا پير سنڀالي

هر ڪو ماڻهو زخمي آهي
ڪنهن کي ڪنهن کي ڪير سنڀالي

مورک ماڻهو وکري ويندين
دل ۾ ايڏا وير سنڀالي

پاڻ وياسين اجڙي آخر
دردن جا هي ڍير سنڀالي



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>